پي ٽي آءِ پاڻ چونڊن لاءِ مخلص ناهي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اليڪشن لاءِ پي ٽي آءِ پاڻ مخلص ناهي،  هن جي ڌمڪين ۾ نه پهرين آياسين نه هاڻي اينداسين، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي چوري پڪڙي وئي،عمران خان پوري قوم آڏو وائکو ٿي چڪو آهي، هي هاڻي ان کان بچڻ چاهي ٿو، هن چيو ته پريڊ گرائونڊ ۾انهن کي جلسي جي اجازت آهي، جلسي جو اعلان چوري لڪائڻ لاءِ ڪيو ويو، هن چيو ته جيڪڏهن انهن 9 تڪن ۾ اميدوار نه ڏنا ته 7 ۾ هارائيندا، اهي اسان جون نه پي ٽي آءِ جون ئي سيٽون آهن، نوازشريف ايندڙ چونڊن جي مهم کان اڳ واپس ايندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.