پنجاب جي 21 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو

لاهور(بيورو+م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي نئين چونڊيل 21 رڪني ڪابينه ڪالهه پنهنجي عهدن جو حلف کڻي ورتو، پنجاب جي گورنر  محمد بليغ الرحمن ڇنڇر ڏينهن گورنر هائوس لاهور ۾ منعقد هڪ پروقار تقريب ۾ نئين چونڊيل ڪابينه کان حلف ورتو. تقريب ۾ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي، ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. حلف کڻندڙ ميمبرن ۾ سردار محسن خان لغاري، ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر ياسمين راشد صوبائي وزير صحت، سردار محسن لغاري صوبائي وزير ناڻو، ڪرنل(ر) هاشم ڊوگر صوبائي وزير گهرو  ۽ جيل،  تيمور ملڪ ڀٽي  راندين ۽ نوجوانن جا معاملا جا قلمدان سونپيا ويا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.