ايندڙ چونڊن ۾ نواز شريف جي واپسي، عمران خان آئوٽ

اسلام آباد (تبصرو: ظفر نقوي ) ملڪ جي مختلف نامور صحافين ۽ هڪ پي ٽي آءِ حامي صحافي جو چوڻ آهي ته ايندڙ چونڊن کان اڳ  عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي، هڪ ٽي وي پروگرام ۾ نامياري صحافي مبشر زيدي چيو آهي ته مون کي ڄاڻ آهي ته ايندڙ چونڊن واري مقابلي مان عمران خان ٻاهر هوندو، جڏهن ته سينيئر صحافي نصرت جاويد پنهنجي ڪالم  ۾ پڻ لکيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ عمران خان حصو وٺي نه سگهندو ۽ اڳ ئي نااهل  ٿي ويندو. نامياري صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته ٻن نامور صحافين جي موقف سان گڏ پي ٽي آءِ حامي صحافي عمران رياض به چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ نواز شريف کي حصو وٺڻ ڏنو ويندو  ۽ چونڊن کان اڳ ئي عمران خان کي چونڊن مان ٻاهر ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي،  صحافين جي ڄاڻ ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ حالتن مان صاف نظر اچي رهيوآهي ته واقعي  به عمران خان جي سياست جو سج هاڻي لهي چڪو آهي.

  •  پي ٽي آءِ طالبان جو سهارو وٺڻ چاهي ٿي؟

لاهور (تبصرو: گوهر بٽ ) اليڪشن ڪميشن جي فارين فنڊنگ ڪيس واري فيصلي کانپوءِ پي ٽي آءِ قيادت سزا کان بچڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪري رهي آهي ۽ هاڻي ته اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته طالبان جو سهارو وٺي ملڪ ۾ بدامنيءَ  جي باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. نامياري صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته آءِ ايس پي آر جي وضاحت باوجود فواد چوڌري ۽ پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا بريگيڊ ان تي بضد آهي ته افغانستان ۾ آمريڪا جيڪو ڊرون حملو ڪري ايمن الزواهري کي ماريو آهي، اهو ڊرون حملو آمريڪا اصل ۾ پڪستان مان ڪيو آهي. ان جي پٺيان منطق اهو آهي ته جواب ۾ طالبان پاڪستان ۾ حملا شروع ڪن، عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي بوکلاهٽ ۾ اهو به احساس نه آهي ته اها باهه کين به ڀسم ڪري سگهي ٿي ۽ اهڙي باهه ڀڙڪڻ سان کين ڪوبه رليف ملڻو ناهي، الزام آهن جن جو قانوني طريقي سان جواب ڏيڻو آهي ۽  الزامن کي ڪوڙو ثابت ڪرڻو آهي ٻيو ڪوبه دڳ نه آهي.

  • پي ٽي آءِ جا 4 اڳواڻ پارٽي چيئرميني  لاءِ سرگرم

لاهور (تبصرو: معظم فخر) اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ عمران خان جي نااهلي واري امڪان سبب پارٽي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاءِ مهم شروع ٿي وئي آهي ۽ 4 سينيئر اڳواڻ سرگرم ٿي ويا آهن، جن ۾ شاهه محمود قريشي  پهرئين نمبر تي آهي، ٻئي نمبر تي پرويز خٽڪ ٽئين نمبر تي اسد عمر ۽ آخري نالو آيو آهي فواد چوڌريءَ جو، ذريعن کان اهو به معلوم ٿيو آهي ته چارئي اڳواڻ  اسٽيبلشمينٽ وٽ پنهنجي پنهنجي سي وي کڻي پهتا آهن، مسلسل رابطي ۾ به آهن، ڇو ته  عمران خان پاڻ به چئي چڪو آهي ته مون کي پارٽيءَ کان الڳ ڪرڻ جي سازش ٿي آهي پر هر سطح تي مقابلو ڪندس، ان حوالي سان اهي ڳالهيون به گردش ۾ آهن ته آگسٽ جو مهينو عمران خان لاءِ انتهائي اهم ۽ حساس آهي ڇو ته هن ئي مهيني سندس سياسي مستقبل جو فيصلو ٿيڻو آهي، ڇو ته اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف توهين عدالت جو نوٽيس به تيار ڪيو آهي، جيڪو ڪنهن به وقت عمران خان کي اماڻيو ويندو، حالتن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته عمران خان جو ڏينهون ڏينهن گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.