اسرائيلي وحشياڻي بمباري، 15 فلسطيني شهيد،75 زخمي

يروشلم(م ڊ) اسرائيلي جهازن جي غزا تي وحشياڻي بمباري جي نتيجي ۾ فلسطيني ڪمانڊر ۽ 5 ورهين جي ٻارڙي سميت 15 ڄڻا شهيد  ۽ 75 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي وزيراعظم يائرليپڊ چيو ته حملي ۾ اسلامڪ جهاد جي ڪمانڊر تيسيري الجبري کي نشانو بڻايو ويو. ٻئي پاسي اسلامڪ جهاد طرفان اسرائيلي حملي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ويو آهي. اسلامڪ جهاد اسرائيلي هوائي حملي کي ويڙهه جو اعلان قرار ڏنو آهي ۽ جوابي ڪارروائي ۾ اسرائيل تي هڪ سئو کان وڌيڪ راڪيٽ فائر ڪيا ويا آهن. حماس پڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل فلسطين تي هوائي حملو ڪري نئون ڏوهه ڪيو آهي، جنهن جي ان کي  ادا ڪرڻي پوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.