سسٽم کان سوال آهي ته انصاف ۾ ايتري دير ڇو؟ ام رباب

دادو(ڊ ر) دادو جي ڪرمنل ٽرائيل ماڊل ڪورٽ جي جج نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين والد مختيار چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، فريادي ڌر ام رباب چانڊيو وڪيل سان گڏ عدالت پهتي، الزام هيٺ آيل پ پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ۽ ايم پي اي برهان خان چانڊيو به عدالت ۾ پيش ٿيا، گرفتار ٿيل  جوابدارن ذوالفقار، مرتضيٰ، سڪندر ۽ ٻين کي حيدرآباد جيل مان دادو ڪورٽ پيش ڪيو ويو، هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ سبب عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 20 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته هاءِ ڪورٽ مان ڪيس اسٽي هجڻ سبب دادو جي عدالت ۾ ٻڌڻي نه ٿي سگهي منهنجا حوصلا بلند آهن پر سسٽم کان سوال ضرور ڪندس ته انصاف ۾ ايتري دير ڇو؟  پنجن سالن کان عدالت جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان اڃا تائين انصاف نه ملي سگهيو آهي جيڪي قاتل آهن اهي اڃا تائين قانون کان آجا آهن، سردار پوليس پروٽوڪول ۾ گهمن پيا آءِ جي سنڌ کان سوال آهي ته جيڪي ٽن ڪيسن ۾ جوابدار آهن انهن کي ڪهڙي قانون تحت پوليس پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي عدالت فيصلو ٻڌائي چڪي آهي ته هو ملوث آهن ۽ ملوث جوابدارن کي 3-4 پوليس موبائيلون ڏيڻ ڪٿان جو قانون آهي، سسٽم کي غيرت جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي، هر شئي آهي پر غيرت جو مظاهرو نه پيو ڪيو وڃي هن چيو ته پنهنجي وڪيل سان گڏ آئي جي کي به درخواست ڏينداسين ته ڪهڙي قانون تحت سڪيورٽي ڏني وئي آهي  هي سردار مون اڪيلي هٿين خالي نياڻي کان ايترو خوف زاده آهن جو 4-4 پوليس موبائيلون ساڻ ڪري گهمن ٿا هن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کي چوندس ته هي جنگ ڀلي اسان لاءِ ڊگهي هجي پر تاريخ ڪڏهن به اوهان کي معاف نه ڪندي  ٻئي طرف الزام هيٺ آيل پ پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فرمائشي پروگرام آ هنن کي هاءِ ڪورٽ جا به جج نه ٿا وٺن هتي به هنن کي پسند جو جج کپي، هر شئي هنن جي مرضي تي هلي ته انصاف آ، اگر هنن جي مرضي تي نه هلي ته انصاف نه ٿو وڻي، هو چون ٿا ته اسان کي ڪورٽ تي اعتبار آ اگر ڪورٽ تي اعتبار آهي ته اڳيون جج اسان جو ڪيس ريجيڪٽ ڪيو جنهن جو وري سپريم ڪورٽ ريجيڪٽ ڪيو انهي تي چون ٿا ڪيس موڪليو وڃي هنن جي فرمائش جيسيتائين هلنديون تيسيتائين اها جنگ جاري آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.