بلاول ڀٽو زرداري جي ڪمبوڊيا جي وزيراعظم سان ملاقات

نوم پنهه(م ڊ) آسيان ريجنل فورم وزارتي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ڪمبوڊيا جي دوري تي موجود پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا جي وزيراعظم هن سين سان نوم پنهه ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا جي  وزيراعظم ۽ ڪمبوڊيا جي قيادت کي آسيان ريجنل فورم تي مبارڪون ڏنيون ۽ آسيان سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي دلچسپي جو اظهار ڪيو، هوڏانهن  بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ڪمبوڊين هم منصب پراڪ سوخون سان نوم پنهه ۾ ملاقات ڪئي ۽ آسيان ريجنل فورم وزارتي ڪانفرنس ڪامياني سان منعقد ڪرڻ ۽ پاڪستاني وفد جي شاندار ميزباني تي سندس ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري علائقائي سلامتي لاءِ آسيان ريجنل فورم وزارتي ڪانفرنس جي اهميت تي زور ڏنو ۽ آسيان ريجنل فورم سان پاڪستان جي مسلسل عزم جو اظهار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.