پي ٽي آءِ پاران 9 تڪن تي ننڍي چونڊ شيڊول چئلينج

اسلام آباد (م ڊ)  پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جي 9 تڪن تي ننڍي چونڊ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل شيڊول اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ طرفان وڪيل فيصل چوڌري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ متفرق درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان چونڊ شيڊول ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ايم اين ايز جون استعيفائون مرحليوار منظور ٿيڻ خلاف درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي، عدالت چار آگسٽ تي درخواست تي ٻڌڻي ڪري نوٽيس جاري ڪري چڪي آهي، اليڪشن ڪميشن ڄاڻ هئڻ باوجود نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته ننڍي چونڊ بابت شيڊول ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، پي ٽي آءِ جي مرڪزي ڪيس جي فيصلي تائين اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول معطل ڪيو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي جنهن تي وقتي چيف جسٽس عمرفاروق اربع جي ڏينهن ٻڌڻي ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.