دادو ۾ 7 مهينا اڳ پسند پرڻي بعد تحفظ لاءِ دانهيندڙ نوجوان قتل

دادو(رپورٽ: عزيز ملڪ) دادو جي ڳوٺ لال بخش سولنگي جي رهواسي نوجوان واحد بخش سولنگي کي پسند جو پرڻو ڪرڻ تان هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي مخدوم بلاول پوليس واقعي واري هنڌ  پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو جتي مقتول واحد بخش سولنگي جي ڀاءَ صدام حسين سولنگي دانهيو ته سندس واحد بخش سولنگي ڳوٺ ڀرسان دوداڻي شاخ وٽ هوٽل تي چانهه پيءِ رهيو هو ته 6 کان وڌيڪ هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، هن چيو ته سندس ڀاءَ 7 مهينا اڳ حضوران هنڱورو سان پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن تان ناري جا مائٽ کين موتمار ڌمڪيون ڏيندا رهيا آهن سندس فوتي ڀاءَ تحفظ لاءِ پوليس وٽ پڻ درخواست داخل ڪرائي هئي پر پوليس کين تحفظ فراهم نه ڪيو، هن چيو ته ناري جي ڀائرن ۽ مائٽن نبي بخش هنڱورو، خدا بخش، عارب، جاويد، بخشل ۽ ٻين ڀاءَ کي قتل ڪيو آهي حد جي پوليس با اثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران چوي ٿي ته پوليس موبائيل ۾ تيل نه آهي، پيٽرول جا پئسا ڏيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اچون، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سندس ڀاءَ جا قاتل گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، مقتول جو لاش ضِروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ڪيو جيڪي اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ سوڳ واري لهر ڇانيل آهي،  واضح رهي نوجوان پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ مختلف هنڌن تي احتجاج به ڪيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.