پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ لاڳاپا تمام خراب ٿي چڪا؟

اسلام آباد(م ڊ) سينيئر صحافي انصار عباسي جي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ ۽ اسيبلشمينٽ وچ ۾ لاڳاپا تمام خراب ٿي چڪا آهن،  ان جي پارٽي قيادت کي به چڱي ريت ڄاڻ آهي،  پي ٽي آءِ جا ڪجهه سينيئر اڳواڻ ڪنهن حد تائين اسٽيبلشمينٽ سان رابطن ۾  آهن، انهن کي به ڪجهه اهڙيون فان ڪالز مليون آهن، جن ۾ ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو آهي، ان ناراضگي جو سڀ کان وڏو ڪارڻ هيليڪاپٽر حادثي تي سوشل ميڊيا تي هلايل انتهائي توهين آميز مهم آهي،  پي ٽي آءِ جي هڪ ذريعي موجب پي ٽي آءِ جي ڪجهه حامين جا ٽوئيٽس انتهائي نفرت جوڳا آهن، جيڪي انهن اڳواڻن کي ڏيکاريا ويا، جن معاملو سينيئر قيادت آڏو رکي ڇڏيو، ٻي طرف پي ٽي آءِ پاران لاتعلقي ظاهر ڪرڻ باوجود فوج خلاف ٽوئيٽس جو سلسلو جاري آهي، اهي ماڻهو پي ٽي آءِ جا فالوئرس آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.