ميرپور ٻرڙو ۽ ٺاروشاھ ۾ گيسٽرو وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت

ميرپور ٻرڙو / ٺارو شاهه(نمائندا) ميرپور ٻرڙو ۽ ٺاروشاھ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه اچي سڳيو  وڌيڪ 2 ٻارڙا گيسٽرو وگهي فوت  ٿي ويا.ٺاروشاھ جي ڳوٺ ميوو خان ببر جي رھواسي امير ببر جو ھڪ سال جو پٽ عبدالاحد ببر گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو، جنهن بعد فوتي ٻارڙن جو تعداد 6 ٿي ويو، رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته ٺاروشاھ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ گيسٽرو ۽ مليريا بخار جي روڪ لاءِ جلدي اپاء ورتا وڃن، هوڏانهن ميرپورٻرڙو جي ڳوٺ بگن ٻرڙو ۾ 5ورهين جي نرما ڌيء غلام مرتضيٰ ٻرڙو گيسٽرو وگهي ميرپور ٻرڙو جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، 3 ڏينهن اڳ 15 ورهين جي ناديا ماڇي فوت ٿي چڪي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.