غازي ڳوٺ جا متاثر انصاف جا منتظر، ڪئمپ جاري

گلشن اقبال(رپورٽ: شفقت نوناري) عبدالله شاهه غازي ڳوٺ جي متاثرن کي انصاف نه مليو، ڪو به حڪمران جو نمائندو هنيل احتجاجي  ڪمئپ تي لڙي نه آيو، رهواسين جو گهر مسمار ڪرڻ ۽ پوليس گردي خلاف 19 هين ڏينهن به احتجاج جاري، احتجاجي ڪئمپ تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سيد خدا ڏنو شاهه، ادريس چانڊيو، اعجاز سامٽيو، مخدوم شمس، مجيب کهاوڙ، ڊاڪٽر الطاف ميمڻ، پپو سيال، شبير پٺاڻ ۽ ٻين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڳوٺ ڊاهڻ بند ڪيو، بلڊر مافيا نا منظور جي شديد نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي سيد خدا ڏنو شاه چيو ته آئين ۽ قانون تحت هلندڙ سسٽم کانسواءِ سڀ باقي سڀ سسٽم غيرقانوني آهن هاڻ غيرقانوني قانوني سسٽم جي جاچ ٿيڻ گهرجي جنهن تحت ڳوٺن کي مسمار ڪري قبضا ڪيا پيا وڃن ڪراچي ۾ ڳوٺن کي ڊاهي ڌارين کي آباد ڪرڻ جو غيرقانوني عمل جاري آهي سنڌ ۾ ڌاريا آبادڪاري کي سنڌ اندر ڪالونائيزيشن ڪئي پئي وڃي جنهن خلاف اڄ سنڌ گڏ ٿي چوي پئي ته ڌاريا آبادڪاري نامنظور سنڌ سنڌين جي آهي ان ڪري ڌارين بدران ڌرتي ڌڻين جي وسندين کي تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.