ننڍي عمر جي شادي ڪندڙ نينگري جي ٻيهر ميڊيڪل جي درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر جي عدالت ۾ ننڍي عمر جي شادي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ عدالت فيصلو ٻڌائيندي  نينگري جو طبي معائنو ڪرائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ان موقعي تي جاچ آفيسر ڪيس جو ضمني چالان جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري، جنهن تي عدالت جاچ آفيسر کي مهلت ڏيندي ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 13 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته درخواست نينگري جي پيءُ ڪيس جي فريادي مهدي ڪاظمي طرفان داخل ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ٻارڙي جي اغوا جو ڪيس ڪراچي جي الفلاح ٿاڻي تي داخل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.