ڪراچي ۾ فائرنگ واقعا، 4 ڄڻا زخمي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا،ناظم آباد نفسياتي اسپتال جي  ويجهو ڦر دوران حماد ولد عبدالغفار زخمي ٿي پيو، گارڊن شو مارڪيٽ رڪشا اسٽينڊ ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ احمد رضا ولد رمضان زخمي ٿي پيو، قائد آباد مڪه ٽائون گيٽ وٽ ڦورو ناصر اقبال کان ڦر ڪندي کيس گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن سائيٽ ايريا ليبر اسڪوائر جي ويجهو فائرنگ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو زخمي کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس جي سڃاڻپ سهيل طور ٿي آهي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي

  • ڪراچي پارڪنگ پلازه ڀرسان مني مزدا ڪلٽي ، 6 ڄڻا زخمي

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ برگيڊ ٿاڻي جي حد ۾ واقع پريڊي اسٽريٽ پارڪنگ پلازه جي  ڀرسان تي تيز رفتار مني مزدا ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري اونڌي تي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي زخمين کي اسپتال ڀيڙو ڪيو ويو آهي ٻئي طرف سهراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ واقع سپر هاءِ وي تي ٻن ڌرين جي جهيڙي ۾ گولي لڳڻ سبب 32 ورهين جو آفتاب احمد پٽ رحمت خان زخمي ٿي پيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.