ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات

ڪراچي/ سکر/ اسلام آباد(نمائندا+ اي پي پي) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪالهه به وسڪارو جاري رهيو، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾  هلڪي برسات پئي، لاڙڪاڻي، ڏوڪري، رتوديرو، ميرپوٻرڙو، سانگهڙ، پيرومل ، ڪنڊياري ۾ به برسات پئي، موسميات کاتي مطابق ايندڙ 24 ڪلاڪن جي دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهندي. ان دوران مٿين/ ڏکڻ پنجاب، مٿين خيبرپختونخواهه، اتر/ اوڀر بلوچستان، هيٺان سنڌ، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان جي علاوه هيٺان سنڌ ۽ اتر بلوچستان ۾ ڪجهه جاين تي برسات جي توقع آهي. رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ جهڙالي رهي جڏهن ته پنجاب، سنڌ، بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪٿي ڪٿي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي جڏهن سنڌ جي ڇاڇرو 55، ننگرپارڪر 43، ڏيپلو 31، مٺي 26، بدين 17، حيدرآباد 16، موهن جودڙو، لاڙڪاڻي 15، ميرپورخاص 12، اسلام ڪوٽ 9، ٽنڊو ڄام 6، ڪلوئي 5، جيڪب آباد 5، ڪراچي، ٺٽو 2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ڇنڇر ڏينهن رڪارڊ وڌ ۾ وڌ گرمي پد دالبندين ۾ 43، نوڪنڊي، چلاس 42 ۽ تربت ۾ 41 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.ٻي پاسي رپورٽن موجب لاڙڪاڻي شهر ۽ ضلعي جي مختلف علائقن ۾ جمعي ۽ ڇنڇر جي رات دير سان پيل برسات کان پوءِ شهر جي اسٽيشن روڊ، مڇي مارڪيٽ، گجڻ پور، ڀينس ڪالوني، نظر محلا، ايوب ڪالوني سميت ڳتيل آبادي وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي تلاءُ جي صورت اختيار ڪري ويو ، ڏوڪري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات پوڻ سبب ڪيترين ئي علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، ٽائون انتظاميا شهر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگهي آهي ، ميرپورٻرڙو، لال ڀٽي ، چانڊاڻ، رانجھاپور، مرزان واھ ۾ برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي گرمي جو زور ٽٽي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.