ميهڙ ويجهو نوجوان ٻيو ڀيرو گرفتار، مارڻ جو خدشو، احتجاج

ميھڙ (س ر) ميھڙ ڀرسان ڳوٺ ٻڊاپور جا رھواسي غلام شبير قمبراڻي،اڪرم قمبراڻي،عبداللہ ۽ ارشاد قمبراڻي نيشنل پريس ڪلب ميھڙ پھچي احتجاج ڪندي دانھيو تہ گذريل 3 مھينا اڳ رمضان جي عيد تي ميھڙ پوليس مقابلو ڄاڻائي نوجوان معشوق قمبراڻي کي ھاف فرائي ڪري چار ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ھئا جن جي ضمانت ڪرائي ھئي ميھڙ جي عدالت گذريل مھيني پوليس مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏئي ڪوڙي مقابلو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سيڪشن اصغر شاه ۽ اي ايس آء سڪندر جتوئي مٿان ڪيس داخل ڪري گرفتاري جو حڪم ڏنو ھو ان ئي ڪيس جي حاضري تي آيل اسان جو نوجوان معشوق قمبراڻي کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ايس ايڇ او اصغر شاه ٻي پوليس ھٿان عدالت ٻاھران گرفتار ڪرائي گم ڪري ڇڏيو آھي . ھنن چيو تہ اسان کي خطرو آھي ته پوليس اسان جي نوجوان کي وري ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي مارائي ڇڏيندي . خدا جي واسطي آء جي سنڌ ،ڊي آء جي حيدرآباد واقعي جو نوٽيس وٺي اسان جي نوجوان جي زندگي بچائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن ميھڙ سول جج مجيب الرحمن ڦلپوٽو جي عدالت مقابلي واري ڪيس کي چالان ڪري دادو سيشن ڪورٽ ٽرانسفر ڪري ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.