پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ)سکر پوليس جي ترجمان طرفان ڪيل جاري ڪيل پڌرائي موجب پنوعاقل جي سٽي پوليس سٽي ٿاڻي جي حد ۾ ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي چئن جوابدارن جنسار،عطا محمد،علي خان ۽ غلام مصطفا چنو کي گرفتار ڪري ورتو آھي،گرفتار جوابدارن وٽان شراب جون بوتلون ۽ ٽي ھزار گرام چرس ھٿ ڪئي وئي آھي،پوليس جي اھڙي ڪاروائي بعد گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.