اڏيرل لعل وليج ڀرسان ڪارروائي، آفيم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

اڏيرولعل وليج (ن ع آ ) کيبراڻي پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي خاصخيلي واٽر ويجهو ڪاروائي دوران ڪار جي ڳجهن خانن مان وڏي تعداد ۾ آفيم مليو آهي ڪار سوار اختر زمان کي گرفتار ڪيو ويو آھي جنهن خلاف  ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آھي گرفتار ٿيل ڪراچي جي علائقي لانڍي جو رهواسي آهي پوليس جو وڌيڪ چوڻ آھي تہ اختر زمان ڪار ۾ ڪراچي کان نوابشاھ آفيم کڻي وڃي رهيو ھيو تہ پوليس ڳجهي  اطلاع تي ڪاروائي ڪري کيس روڪيو ۽ ڪار جي ڳجهن خانن ۾ لڪيل آفيم هٿ ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو آھي . جنهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي هٿ آيل آفيم جي قيمت 8 کان ڏھ  لک ٻڌائي پئي وڃي کيبراڻي ٿاڻي تي لاڪپ نه هئڻ سبب کيس مٽياري ۾ لاڪپ ۾ بند ڪيو ويو جنهن کي اڄ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.