لاڙڪاڻي ۾رائيس ڪئنال ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور رائيس ڪئنال ۾ وهنجندي 34 سالن جو نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويو، پوليس واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي، چوٻول آهن ته همراهه پيءُ سان ڪاوڙجي  رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر ڀرسان رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد بازيگر پل وٽ مبينا طور رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران قمبر واسي 34 سالن جوسميع الله چانڊيو پاڻي ۾بيهوش ٿي پيو جنهن کي سندس دوست ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. بعد ۾ پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي وارثن کي اهڙو اطلاع ڏنو. ان موقعي تي ٻڏي فوت ٿيل همراهه جي دوست اظهر علي اوڍاڻو صحافين کي ٻڌايو ته سميع الله چانڊيو قمبر جو رهواسي هو جنهن جو والد ماستر عبدالرزاق چانڊيو لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلا گوشت گھٽي جو رهواسي آهي.

  • گهوٽڪي جو نوجوان گهر جي ڇت تان ڪري فوت

گهوٽڪي(ڊ ر)گهوٽڪي جو نوجوان گهر جي ڇت تان ڪري فوت, گهوٽڪي جي اسڪارپ ڪالوني جو رهواسي 18 سالا نوجوان شاهزيب ولد سليم مهر گهر جي ڇت تان ڪرڻ ڪري زخمي ٿي پيو جنهن کي گهوٽڪي سول اسپتال آندو ويو ته هو فوت ٿي ويو, فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.