شهدادپور ۾ناري جي مبينا اغوا خلاف راجپوت برادري جو ڌرڻو،ٽائرن کي باهيون

شھدادپور( ن ع آ ) شھدادپور ۾ نوجوان ناري بُشرا راجپوت مبينا اغوا معاملي خلاف وارثن  سان گڏ راجپوت برادري پاران ابڙا چوڪ ۾ ٽائرن کي باھيون ڏئي احتجاجي مظاھرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري  جوابدارن کي فوري گرفتار ڪرڻ  ۽ ناري کي ھٿ ڪري بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو احتجاج ڪندڙ اڳواڻن  ناري جي ڀاء طارق راجپوت راڻا عبدالستار راجپوت ممتاز علي ميڊيا کي ٻڌايو تہ بشرا راجپوت کي جوابدار محمد علي خاصخيلي گھر ۾ گھڙي زور زبردستي ڪار ۾ کڻي اغوا ڪري ويو آهي: ست ڏينھن گذري ويا آھن پوليس صرف ڪيس داخل ڪري ڪجھه به  نه  ڪيو آھي  شھدادپور  پوليس ڪا ڪاروائي ڪرڻ لاءَ تيار ناهي نه ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو  آهي:نہ اسان جي ناري کي بازياب ڪرايو ويو آھي پوليس صرف ڪمداري ڪري سياست چمڪائي شھر جو امن خراب ڪرائڻ گھري ٿي ھنن عليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو  تہ ناري جي اغوا معاملي جوسخت نوٽيس وٺي جوابدار محمد علي خاصخيلي ۽ ٻين کي گرفتار ڪري  بُشرا راجپوت کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوليس خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.