حيدرآباد ۾ ٻن ڄڻن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي راهوڪي ٿاڻي جي پوليس خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي  عبدالقادر ملاح الزام هڻندي چيو ته هڪ ڏينهن اڳ راهوڪي پوليس دڪان تي چڙهائي ڪري سندس ٻن ڀائرن سڪندر  ۽ معشوق کي کڻي وئي، جنهن مان هڪ ڀاءُ سڪندر تي مين پڙيون هلائڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو  ويو، جڏهن ته هڪ ڀاءُ معشوق کي گم ڪيو ويو آهي. هن الزام هڻندي چيو ته پوليس سندن ڀائرن تي منشيات وڪرو ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهندي رهي آهي، جنهن کان انڪار تي پوليس سندس ڀائرن کي گرفتار ڪري هڪ تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ۽ هڪ کي گم ڪري ڇڏيو آهي، کين خدشو آهي ته پوليس سندس ڀاءُ معشوق کي ڪوڙي مقابلي ڏيکاري قتل ڪندي. هن آءِ جي سنڌ پوليس، ايس ايس پي حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڀائرن کي آزاد ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.