خانپور مهر پوليس بيمار پيرسن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، احتجاج

خانپورمهر (ن ع آ) خانپورمهر پوليس مرادئو پٽ تي چڙهائي ڪري مبينا طور پيرسن غوث بخش مهر کي کنڀي وئي، ھوڏانھن پوليس چڙهائي توڙي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف مهر برادري جي عورتن توڙي مردن عبدالڪريم مهر، مسمات حميدان ،انور، غلام مصطفي، حنيف، موچارو، خادم، عطا محمد مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي موقعي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن الزام هنيو ته خانپورمهر پوليس اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ جوابدارن کي ساڻ ڪري چڙهائي ڪئي آهي، هنن وڌيڪ الزام هنيو ته نور محمد مهر، دلمراد، قادر بخش، مير حسن، محمد مراد، لطف علي ۽ ٻيا اسان جي زمين تي زبردستي قبضو ڪرڻ چاهين، جنهن ڪري ڄاڻايل ماڻهو اسان کي روزانو حراسان ڪري رهيا آهن، اڄ به جوابدار پوليس کي ساڻ ڪري اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪئي جنهن دوران اهلڪارن گهرڀاتين تي تشدد ڪري پيرسن شخص غوث بخش مهر کي کنڀي گم ڪيو آهي، هنن ٻڌايو ته اسان جو پيرسن بيمار آهي کيس ڪجهه به ٿيو ته جوابدار ۽ خانپورمهر پوليس ذميوار هوندي، ڳوٺاڻن پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر، سردار علي گوهر خان مهر ۽ مير بنگل خان مهر ،ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.