سيٺار جا ۾ 3 ڏينهن اڳ پڪڙيل ڦورو هٿڪڙين سميت فرار

سيٺارجا ( ن ع آ ) سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڏيپارجا محراب پور روڊ تي ٽي ڏينهن اڳ ڦر جي ارادي سان بيٺل ٽن ڏوهارين بابت ڳوٺاڻن جي نشاندهي تي پوليس پهچي وئي جنهن ۾ ٻه ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا جڏهن ته هڪ مبينا ڏوهاري  ياسين عرف ٻرڙو سهتو کي پوليس ڳوٺاڻن جي مدد سان زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو هو جنهن کي بغير ڪنهن ڪيس داخل ڪرڻ جي سيٺارجا ٿاڻي ڀرسان پوليس جي نجي جاءِتي رکيو ويو هيو  جيڪو ٽن ڏينهن بعد هٿڪڙين سوڌو پوليس تحويل مان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي جڏهن ته ڦورو جي پوليس حفاظت مان فرار ٿيڻ جي واقعي جو ايس ايس پي خيرپور پاران نوٽيس وٺندي غفلت ڪندڙ اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪرڻ ۽ ڏوهاري جو پيڇو ڪري فوري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو  جنهن بعد سيٺارجا ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس قلم 223 ۽ 224 غفلت ۽ لاپرواهي تحت  چار ڄڻن مٿان داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ وڏي منشي نعمت ڄامڙو ،ننڍو منشي بدر حسين شر ،ننڍو منشي عطا حسين ٿيٻو ۽ اهلڪار نور محمد جوڻيجو کي پڻ نامزد ڪري فرض ۾ غفلت ۽ لاپرواهي ڪرڻ تي لاڪپ ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايس ايڇ او سيٺارجا مقصود رسول مهر جي اڳواڻي ۾ ڏوهاري جي ٻيهر گرفتاري لاءِ علائقي جي مختلف هنڌن تي ناڪابندي ڪئي جنهن ۾ فرار ٿيل جوابدار سيٺارجا شهر ۾ جبار سهتي جي گهر لڪيل هيو جنهن کي سيٺارجا پوليس ۽ شهرين پڪڙي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايڇ او سيٺارجا مقصود رسول مهر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو شهر۾ ناڪابندي کان پوءِ 14 ڪلاڪن بعد جوابدار کي ريلوي اسٽيشن کان گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن بابت ايس ايس پي صاحب کي آگاه ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس اهلڪارن مٿان ڪيس بابت ٻڌايو ويو آهي جيڪو وڌيڪ ايس ايس پي صاحب حڪم ڪندو ان مطابق ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.