مانجهند اسپتال ۾ علاج لاءِ ٿيليسيميا جو مريض فوت، احتجاج

مانجهند (ن ع آ) مانجهند تعلقي اسپتال ۾ علاج لاء ويندڙ  ٿيليسيميا جو مريض 7 ورهين جو نينگر شاهد علي حاجاڻو ڊاڪٽر۽  عملو نه هئڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو جنهن تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو عورتن انتظاميا کي پٽون پاراتا ڏئي احتجاج ڪيو ان موقعي تي نينگر جي والد الله بخش حاجاڻو ٻڌايو ت سندس پٽ کي اچانڪ ساه جي تڪليف ٿي پئي پر اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ ٽيڪنيڪلي عملو موجود نه هو نه ئي گئس سيلينڊر جو بندوبست ٿيل هو جنهن سبب سندس پٽ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو هن ٻڌايو ت ايم ايس ۽ غير حاضر عملي خلاف ڪيس داخل ڪرائيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.