اڏيرو لعل وليج ۾اسڪول جا چاپڙ ڪري پيا، ٻار کليل آسمان هيٺ ويٺل

اڏيرولعل وليج (رپورٽ معشوق علي قمبراڻي) اڏيرولعل جي ڳوٺ پنيون کدري جي درگاهه در محمد اسڪول جي ڇت جا ڇاپڙ ڪرڻ کان پوء ٻارڙا کلي آسمان هيٺ تعليم پرائڻ لڳا. ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماستر محمد اسماعيل ورياھ ميڊيا اڳيان شاگردن سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته هن اسڪول جي بلڊنگ  اوڻيھ سو نوي1990 واري دور ۾ ٺهي هئي پر ناڪس مٽيريل جي استعمال ڪري هنن بارشن پوڻ کانپوء  اسڪول جي ڪمرن جي ڇت جا ڇاپڙ ڪري پيا آهن.جيئن ته هن اسڪول ۾ هن وقت 235 شاگرد داخل آهن جنهن ڪري شاگردن کي ڪڏهن کلي آسمان هيٺ ته ڪڏهن مسجد ۾ ته ڪڏهن وري وڻ جي ڇانو ۾ تعليم ڏني پئي وڃي. جيئن ته ڳوٺ پنيون کدري جي رهواسين علي نواز لاکو,طارق کدري ۽ ٻين ٽي او ايجيوڪيشن, ڊي او ايجيوڪيشن ۽ تعليم کاتي جي اعلا آفيسرن کي پر زور اپيل ڪندي چيو ته ڳوٺ پنيون کدري جي ايليمنٽري اسڪول درگاه در محمد جي بلڊنگ ٺهرائي اسان جي ٻارن کي ڪنهن جاني نقصان کان بچائي  اسان جي ٻارن کي جي مستقبل کي سنواريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.