ڪوٽڙي ڪبير اسٽاپ تي دڪانن مان چوريون، ڌرڻو

ڪوٽڙي ڪبير (ت ر) گذريل رات ڪوٽڙي ڪبير اسٽاپ تان چوڪيدار ھوندي به چور اصغر بڙدي ۽ سڪندر چني جي دوڪانن جا تالا ٽوڙي چار  بيٽريون , ڏھ موٽر سائيڪلن جا نوان ٽائر ۽ ٻيو سامان آساني سان چوري ڪري ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل تي فرار ٿي ويا, صبح جو دوڪاندار مڇرجي پوليس خلاف نيشنل ھاء وي مٿان رڪاوٽون رکي روڊ بند ڪري ڇڏيو, جنھن سبب ڪري روڊ جي ٻنھي پاسن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون, جنھن دوران ڪوٽڙي ڪبير پوليس چونڪي انچارج بخت علي ڪلھوڙو عملي سان گڏ اچي احتجاج ڪندڙن کان مھلت وٺي چوري واپس ڪرائي ڏيڻ جي يقين ڌياني تي روڊ کولرايو,  ٻئي پاسي پوليس جاچ لاء چوڪيدار غلام عباس سولنگي کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.