اوٻاوڙي ۾ ڳوٺاڻن جو رٽائرڊ اهلڪار خلاف احتجاج

اوٻاوڙو (ن ع آ)اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ ٻوڙي جي رهواسين جو اڪبر سولنگي عبدالواحد سولنگي مائي ڪمالان سولنگي معصوم ٻارڙن سان گڏ پريس ڪلب پهچي احتجاج مظاھرو ڪيو ان موقعي تي  ميڊيا اڳيان داهيندي ٻڌايو ته اسان جي برادري جي ماڻهن رٽائرڊ پوليس اهلڪار عبدالشڪور سولنگي فوج علي سولنگي غلام حيدر سولنگي غلام حسين سولنگي ۽ ٻين اسان سان ظلم ڪيو آهي اسان جي نوجوان عبدالفتح سولنگي کي 6 ڏينهن اڳ اوٻاوڙو پوليس سان ملي ان کي گم ڪري ڇڏيو آهي خبر ناهي ته هو ڪاٿي آهي ڪهڙي حال ۾ آهي اسان کي خدشو آهي ته ان کي پوليس کان ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي مارائي نه ڇڏين ۽ هو اسان ڏي نياپا موڪلين ٿا ٻه لک ڏيو نه ته توهان جي همراه کي پوليس کان مقابلو ڄڻائي مارائي ڇڏينداسون انهن وڌيڪ چيو ته اهي ساڳيا ماڻهو آهن جيڪي ڪجهه عرصو اڳ اسان جي نوجوان ظفر سولنگي کي  قتل ڪرايو هو هنن ماڻهن کان اسان کي به خطرو آهي اسان جي نوجوان کي مارائي ڏيندا اسين  ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي نوجوان کي پوليس کان آزاد ڪرايو وڃي ۽ اگر ان جو ڪو جرم آهي ته ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ برادري جي بااثر ماڻهن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي . اسان جي حياتين کي به خطرو آهي اسان مسڪين ماڻهو آھيون اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته اسان ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندا سين جنهن جا ذميوار اهي بااثر ماڻهون هوندا.

  • شهدادڪوٽ ۾ پ پ ش ڀ جو پوليس خلاف احتجاج

شھدادڪوٽ ( ن ع آ) شھدادڪوٽ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو جي ڪارڪنن ايس ايڇ او سجاول جوڻيجو جي ناجائزين  خلاف شھيد ڀٽو آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو, ان موقعي تي اڳواڻن منير بروهي, اظهر جروار ، ذوالفقار مگسي,فيض بروهي ، طارق جروار ، مرتضيٰ جروار ، بلاول بروهي,سلطان ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي ايس ايڇ او  ناانصافين جي حد ڪندي شھيد ڀٽو جي اڳواڻ اظھر جروار کي  کنڀي گم ڪرڻ بعد 3 ڏينهن کان پوء بلوچستان ۾ ڪيس ظاهر ڪري پوليس گردي ڏيکاري آهي ، هنن چيو ته مسلسل هڪ سال کان وٺي ايس ايڇ او بااثر ماڻهن جي چوڻ تي شھيد ڀٽو جي اڳواڻ تي ظلم ڪري رهيو آهي، تازو رات وري ڳوٺ مٿان چڙهائي ڪري هن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش دوران زخمي پڻ  ڪيو آهي,هنن آء جي سنڌ ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته شھيد ڀٽو اڳواڻ اظھر جروار سان ايس ايڇ او جي ٿيندڙ ناانصافين جو نوٽيس وٺي ونگار وهندڙ ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

  • جهڏي ۾ انتظامي نااهلي سبب 94 اسڪولن کي تالا لڳل

جهڏو( ن ع آ) انتظامي ڪرپشن لاپرواهي سبب تعلقي جهڏي جي ٻهراڙين ۾ 94 سرڪاري  اسڪول تالابندي جو شڪار هزارين نياڻيون ۽ معصوم ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم، جهڏو جي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر فيميل ايليمنٽري سيڪينڊري جي ڪاموري ڪرپشن جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا نئين ڀرتي ٿيل استادن ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ڪامورن لکين روپيا رشوت عيوض نئين ڀرتي ٿيل استادن ۽ فيميل استادياڻين شهر جي من پسند اسڪولن ۾ اپائيٽمنٽ ڪري ڇڏيو شهر جي هڪ اسڪول ۾ پنجويهه ماسترياڻيون ٻئي ۾ پندره ٽئين ۾ درجن استاد رکي ڇڏيا جنهن عيوض نئين مقرر ٿيلن کان هڪ لک کان ويندي ٻه لک تائين وصولي ڪئي ويئي جيڪا شرمناڪ ۽ مذمت جوڳو  عمل آهي ڪامورن جي ڪرپشن سبب بند پيل اسڪولن ۾ تعليم جو عمل جاري نه ٿيو ۽ ٻهراڙين جا ٻار مال چارڻ ته مجبور جڏهن ته تعليم کاتي ۾ مقرر ڪاموره جيڪا گڏهن تي مٽي جا ٿائون ڳڙ ۽رليون کپائي گذران ڪندا هئيا هاڻ لگزري گاڏين ۽ بنگلن محل ماڙين جا مالڪ ٿي ويا جڏهن ته بند پيل اسڪولن جي وارثي نه ٿيڻ سبب اسڪولن جو بلڊنگون مال جي واڙن گهوڙن جي اصطبلن ۽ وڏيرن جي اوطاقن ۾ تبديل ٿي ويون ڪيترائي تعليم کاتي جا ملازم ويزه سسٽم تحت ڊيوٽي کان آجا ڪامورن رشوت عيوض درجنين ملازمن جي پنھنجي آفيسن ۾ رک ڇڏيو آهي .ڪامورن جون آفيسون بائيو ميٽرڪ سسٽم کان آجيون آهن جنهنجو ناجائز فائدو ڪاموره شاهي وٺي پئي جڏهن ته ٻهراڙي جي اسڪولن ۾ ٻه ٻه سئو ٻارن واري اسڪولن تي هڪ هڪ ماستر مقرر ٿيل آهي ڪامورن جي ديناداستي ڦرلٽ سبب جهڏو جي ٻهراڙين جي ٻارن جو مستقبل اونداهي ۾ هٿ سان ڌڪجي پيو وڃي شهرين باغي راهمون مولانا شعيب سنڌي، نياز کوسو سارنگ ڀٽي ۽ ٻين چيو ته جھڏو تعلقي جي ٻهراڙين سان ظلم جي انتها آهي ڪامورن چند ٽڪن جي عيوض هڪ هڪ اسڪول ۾ به ٻه درجن استاد مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

  • پ پ شهيد ڀٽو غريبن جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙن تي هميشه آواز اٿاريو آهي:نديم قريشي

جيڪب آباد (ڊ ر) پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ پريس بيان ۾ چيو ته پاڪستان  پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو هڪ ملڪ گير پارٽي آهي هي هميشه غريبن مسڪينن تي ظلم ذيادتي ۽ انهن جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙن تي آواز اٿاريو آهي هن چيو ته لعل چند سيتلاڻي واري مسئلي تي اسان پنهنجي هتان جي شھرين کي اهو  ٻڌائڻ ضروري پيا سمجهون ته جنهن وقت اسين لعل چند عرف لالو سيتلاڻي سان احتجاج ۾ گڏ هئا سين ان وقت ان سان ناجائزي ٿيل هئي پر هو هينئر  مظلوميت ۽ پنچائتي صدارت جي آڙ وٺي ڪري هتان جي قانون لاڳون ڪندڙ اهلڪارن کي بليڪ ميلنگ ڪري رهيو آهي ڪجه ٽائيم پهرين وچ شھر ڀاڻ مرڪيٽ جي هڪ نجي گدام تي پوليس ڇاپو هنيو هو تنهن ڇاپي واري جڳه تي ٻه نمبر ناقص ٻه نمبر ٻج زرعي ڀاڻ کي ملائيندي گروه کي گرفتار ڪيو ويو هو تنهن گروه جو سربراه به اهو لعل چند سيتلاڻي ئي هو  نقلي دوائون جو ڪاروبار جنهن جي نتيجي ۾ هتان جي آبادگارن جو مهنگائي جي غزب واري دور ۾ زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن . آبادگار خودڪشيون ڪرڻ مجبور ٿي رهيا آهن.

  • جيڪب آباد بار طرفان ٽرانسفر ٿيل جج جي مان ۾ الودائي تقريب

جيڪب آباد (ڊ ر)جيڪب آباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئشن طرفان ٽراسنفر ٿيل جيڪب آباد سيشن جج مسٽر ظهور احمد هڪڙو جي  مان ۾ جيڪب آباد بار طرفان هڪ شاندار  الودائي تقريب رٿي وئي بار ۾ آيل مهمانن جو گلن جي رکا سا شاندار استقبال ڪيو ويو سول ڪورٽ بلڊنگ ڊسٽرڪٽ بار ۾ ضلعي جيڪب آباد جي تمام ججز جي مان ۾ بار طرفان ڊنر جو پڻ بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ سموري ضلعي جيڪب آباد جي سينئرز وڪلا سميت جونيئرز وڪلا جي وڏي انگ ۾ شرڪت, ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئشن ڊسٽرڪٽ بار انفارميشن سيڪريٽري وڪيل سيد اعجازعلي شاھ پريس پڌرائي م چيو ته جيڪب آباد سيشن جج مسٽر ظهور احمد هڪڙو جي ٿيل ٽرانسفر بعد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئشن طرفان جيڪب آباد بار سول ڪورٽ بلڊنگ بار ۾ هڪ شاندار  الودائي تقريب ٿي گذري.  الودائي تقريب ۾ سيشن جج مسٽر ظهور احمد هڪڙو, ايڊيشنل سيشن جج مسٽر ذوالفقار علي شيخ,سينئر سول جج مسٽر غلام علي ڪناسرو,سينئر سول جج مسٽر  عتيق الرحمن آرائين,سينئر سول جج مسٽر خالد حسين ليغاري,فرسٽ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ مسٽر امتياز علي لاکير,سيڪنڊ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ مسٽراحسن علي شيخ,سول جج مسٽرحيدر علي ڀيو, فئملي جج مسٽر آصف علي عباسي, سول جج تعلقو ڳڙهي خيرو مسٽر مير شاهنواز جاگيراڻي ۽ تعلقو ٺل جي سول جج مسٽر محمد رمضان ڪلهوڙو الودائي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.