لاڙڪاڻي ۾ دوستن هٿان تشدد جو نشانو بڻايل نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، لاش رکي ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ٽي ڏينهن اڳ مبينا طور معمولي ڳالهه تان دوستن هٿان تشدد جو نشانو بڻيل روڊ کاتي جي ننڍي ملازم اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي  دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، وارثن لاش ايس ايس پي چوڪ تي رکي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ڪرمان باغ چوڪ واري علائقي ۾ ٽي ڏينهن اڳ مبينا طور معمول ڳالهه تان دوستن جي تشدد ۾ زخمي ٿيل روڊس کاتي جو ننڍو ملازم طفيل احمد لاڙڪ چانڊڪا اسپتال جي نيورولاجي وارڊ ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي. نوجوان جي فوت ٿيڻ جي خبر ٻڌڻ سان ئي وارث لاش سان چنبڙي اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا بعد ۾ وارثن لاش ايمبولينس ذريعي کڻائي ايس ايس پي چوڪ تي رکي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو . جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي نوجوان جي ڀاءُ سهيل احمد لاڙڪ پنهنجي وارثن نياز احمد، عبدالباسط، سعيد احمد لاڙڪ ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته منهنجو ڀاءُ طفيل احمد لاڙڪ روڊ کاتي جو ننڍو ملازم هو جنهن جي حاجي هدايت الله سومرو وارن سان 20 سالن کان پراڻي دوستي هئي جنهن ڪري ڀاءُ اڪثر سندس ڊڪاڻڪي دڪان تي اچي ويهندو هو. هن الزام لڳايو ته گذريل خميس ڏينهن شام ڌاري ڀاءُ طفيل احمد لاڙڪ حاجي هدايت الله سومري جي ڊڪاڻڪي دڪان تي ويو هو جتي ڪچهري دوران معمولي ڳالهه تان حاجي هدايت الله سومرو پنهنجي ڀائيٽن نثار ۽ فهيم سومرو سان گڏجي ڀاءُ کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي کيس مٿي ۽ چيلهه ۾ ڪاٺين جا ڌڪ هڻي کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو. جنهن کي اسان چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ بعد مارڪيٽ ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرايو جنهن تي پوليس هڪ جوابدار فهيم سومري کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته گذريل رات اسان جو ڀاءُ طفيل احمد لاڙڪ چانڊڪا اسپتال جي نيورولاجي وارڊ ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن کي جوابدارن بيدرديءَ سان قتل ڪري ظلم ڪيو آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي. ان حوالي سان مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس اڳ ئي ٽن جوابدارن مٿان داخل ٿيل آهي ۽ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ساڳي ئي ڪيس ۾ پوليس اڳ ئي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن ڌرڻي دوران سول لائين ٿاڻي جي پوليس پهچي وارثن کي خاطري ڪرائي جنهن تي وارثن ڌرڻو ختم ڪري لاش گهر کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ قهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.