شهدادپور ۾ڦٽين جي چونڊائي گهرڻ تان هاري تي تشدد، رتو رت

شھدادپور(ن ع آ) شھدادپور ويجھو ملدسي ٿاڻي جي حد ڳوٺ خداداد ڪپري ۾ ڦٽين جي چونڊائي گھرڻ تان زميندار جو ھارين تي حملو, ھڪ  ھاري رتورت ٿي ويو, اسپتال منتقل, جوابدار گرفتار ڪري انصاف جو مطالبو, شھدادپور ويجھو ملدسي ٿاڻي جي حد ڳوٺ خداداد ڪپري ۾ زرداري ۽ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڦٽين جي چونڊائي جي معمولي ڳالھ تان جھيڙو ٿي پيو, ٻني تي گاھ ڪندڙ پورھيت ھاري امير بخش خاصخيلي لٺيون, ڪھاڙيون ۽ سريا لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي ويو جنهن کي سمس اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏئي اسپتال ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي . جھيڙي ۾ زخمي ٿيل ھاري امير بخش صحافين کي ٻڌايو آهي ته ڳوٺ مرزو خان زرداري جو زميندار الاھي بخش زرداري, اصغر زرداري, نظير زرداري, شھزاد زرداري ۽ ٻين نامعلوم ماڻهن گڏجي ٻني تي گاھ ڪري رھيو ھوس بلا جواز حملو ڪري زخمي ڪيو آهي ھن وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن به معشوق ۽ پيارو خاصخيلي تي مٿي ڄاڻايل جوابدارن حملو ڪيو ھو زخمي امير بخش خاصخيلي جي ماروٽ پرويز صحافين کي ٻڌايو آهي ته اسان الاھي بخش زرداري جا ھاري آھيون جمعدار معشوق خاصخيلي زميندار الاھي بخش کان 80 مڻ ڦٽي جي چونڊائي جا پئسا گھرڻ تان اسان سان جھيڙو ڪيو ويو آهي ھنن وڌيڪ چيو ته اگر مزڪورھ جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.