ميروخان ۾ نينگر کي زخمي ڪرڻ جو پ پ اڳواڻ تي 25 لک ڏنڊ

ميروخان (ن ع آ ) ميروخان عيد جي ڏينھن پيپلز پارٽي سٽي صدر رئيس لياقت علي ابڙو جي پٽ جي مبينا فائرنگ ۾ زخمي ٿيل 12 ورھين  جي ابراھيم تنيو جي وارثن وٽ پ پ ايم پي اي مير نادر خان مگسي جي اڳواڻي ۾ ميڙمنٿ قافلو پھتو  تفصيل موجب : ميروخان عيد جي ڏينھن پ پ  ميروخان شھر جي ابڙا محلي ۾ قرباني جي عيد واري ڏينهن پيپلز پارٽي سٽي صدر رئيس لياقت علي ابڙو جي پٽ اساما ابڙو عرف ملھار جي مبينا فائرنگ ۾ 12 ورھين جي معصوم نينگر محمد ابراھيم ولد سردار علي تنيو زخمي ٿي پيو ھو زخمي نينگر جي والد جي فرياد تي اساما عرف ملھار ابڙو کي پوليس گرفتار ڪري ورتو ھو.ان مسئلي جي حل لاء پيپلز پارٽي سٽي صدر رئيس لياقت علي ابڙو سان گڏ پ پ ايم پي اي مير نادر خان مگسي ميڙ سان گڏجي متاثر ڌر تنيا برادري وٽ پھتو.ان موقعي تي مير نادر خان مگسي چيو ته رئيس لياقت ابڙو جي پٽ کان غلطي ٿي آهي ۽ ان لاء اسان ميڙ ٿي آيا آھيون, جيئن نينگر جا وارث چون تيئن ئي ٿيندو.ان موقعي تي زخمي نينگر جي والد سردار علي تنيو, نينگر جي چاچي عبدالرشيد تنيو ۽ ڊاڪٽر عبدالخالق تنيو مير نادر خان مگسي کي مان ڏيندي چيو ته توھان وڏا آھيو جيئن اوھان کي مناسب لڳي ان بعد ميڙ ٿي آيل پ پ ايم پي اي مير نادر خان مگسي معصوم محمد ابراھيم تنيو واقعي جي جوابدار ڌر رئيس لياقت علي ابڙو مٿان 25 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو. مير نادر خان مگسي چيو ته اساما ابڙو معصوم نينگر محمد ابراھيم تنيو ۽ سندس جي ڀائرن مٿان 3 فائر ڪيا ۽ 2 دفعا فائر مس ٿي ٽيون فائر محمد ابراھيم کي لڳو مطلب ته ھو خون ڪري چڪو آهي. ان لاء ايترو ڏنڊ لڳايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.