انقلابي فلسفي کان وانجهيل اڄ جو نوجوان نسل

تحرير: حسن جان سومرو

عام طرح سان انقلابي فلسفي جي لفظي معني انقلابي تعليم کي ئي تصور ڪيووڃي ٿو، پر فلسفي ۽ انقلاب مان ڇا مراد آهي، فلسفو ۽ انقلاب انساني تاريخ جا ٻه اهم پاسا آهن.جيڪي انساني تهذيب جي سموري ارتقائي عملن جي شڪل ۾ سامهون اچن ٿا.انقلاب سماجي، سياسي تبديلي لاءِ  ڪيتري قدر ڪارائتو ثابت ٿيو آهي، انقلابي عمل پنهنجي جوهر ۾ ڪهڙي اهميت رکي ٿو. ڌرتي جي هن گولي تي انقلاب قومن لاءِ  فردن لاءِ  سماج لاءِ  ڪيتري قدر مثبت نتيجا ڏنا آهن اهو سڄو عمل تاريخ جي ڊاڪيومينٽس ۾ محفوظ آهي.

 انقلاب جا ڪيترائي قسم آهن، تهذيبي انقلاب ،صنعتي انقلاب،سماجي انقلاب،معاشي انقلاب، زرعي انقلاب،ٽيڪنالوجيڪل انقلاب،تعليمي انقلاب جا نمونا انساني تاريخ جي ليب ۾ موجود آهن،انهن تي کوڙ سارو مواد به موجود آهي، انقلاب رد انقلاب جون وصفون الڳ الڳ آهن. پر هتي انقلابي بحث مباحثي مان مراد سياسي انقلاب آهي،جيڪو تاريخ جي سڀ کان طاقتور پرزي مزدور ۽ نوجوان سان سلهاڙيل آهي. جنهن انقلاب انساني تاريخ ۽ سماجي تاريخ کي نوان نوان دڳ ڏنا. نوان گس ڏنا. نوجوانن کي اتساهه ڏنو،غلامي جون زنجيرون ٽوڙي عقل ۽ ڏاهپ جا دروازا کوليا. جنهن عقل ۽ ڏاهپ مختلف انقلابن کي جنم ڏنو سائنس عقل ۽ ذهني شعور سان انسان ذات لاءِ  نوان پيچرا وجود ۾ آندا جنهن انقلابيت جي فلسفي کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو.

 اها تعليم جيڪا انقلابي طرز جي هجي،جنهن ۾ انقلابي شعور شامل هجي، ان کي انقلابي تعليم چئي سگهجي ٿو، يا اها تعليم جيڪا تدريسي عمل جو حصو آهي،اها انقلابي طرز جي ٿي سگهي ٿي؟ سوال ايترو پيچيده ناهي جيترو نظر اچي ٿو، معاشي سماجي ڍانچي ۾ بنيادي تبديلي انقلابي فلسفي سان ممڪن آهي. جنهن جي بنيادي محرڪن ۾ نوجوان ۽ مزدور  انقلابي فلسفي سان جڙيل آهن.اها تاريخ جي  گهرج هئي يا جبر جي علامت هئي جنهن جي ڪري جنهن جي ڪري پورهيت انقلاب وجود ۾ آيو. معاشي تاريخ جي انجنيئر ۽ فلسفي ڪارل مارڪس لکيو آهي ته سرمائيداري جي تاريخ ايتري پراڻي آهي جيترو مزدور، ڪارل مارڪس لکي ٿو ته ڪنهن سرمائيدار جي ماتحت مزدورن جو وڏي تعداد ۾  هڪ جڳهه تي هڪ قوت جي شڪل ۾ ڪم ڪرڻ ۽ پيداوار جو عمل جڙڻ تاريخي اعتبار سان سرمائيداري جو سفر آهي. مزدور تاريخ جي اها طاقت آهي جيڪا معاشري جي پيداواري عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي پر تاريخي جبر اهو ثابت ڪيو ته ان پورهيت جي جڳهه مشين والاري ڇڏي.جيڪا صنعتي انقلاب اچڻ کان پوءِ وجود ۾ آئي. جنهن پورهيت کي فرد جي طاقت سان ڏهڻو مقابلو ڪيو. مزدور معاشي نظام جي تاريخ جو ڦيٿو هلايو پر اهو ڦيٿو ڏاند گاڏي وانگر پنهنجي مرڪزي حيثيت برقرار رکي نه سگهيو.

 اڄ جو نوجوان ۽  جديد دور ۾ پير پائي چڪو آهي،سائنس ۽ کوجنائن جا نوان راز نروار ڪري پيو، مختلف مضمونن تي  تحيق جا نوان بنياد اڏجي رهيا آهن،پر اهو ساڳيو نوجوان پنهنجي فلسفانه قدرن، انقلابي ذهنيت ۽  انقلابي عملن کان اڻ ڄاڻ آهي. سياسي طور اڄ جو نوجوان پنهنجي علمي شعوري سگهه هجڻ جي باوجود سياسي انقلاب ڀرپا ڪرڻ جو ڪو ٻوٽو ناهي ٻاري سگهيو.جنهن جو اهو مطلب ناهي ته نوجوان سياسي شعور کان اڻ ڄاڻ آهي پر جديد سرمائيداريت جي وڌندڙ لاڙن تاريخ جي متحرڪ پرزي کي پنهنجي ماتحت آندو آهي.نوجوان کي مختلف پرگرامن ٽريننگ وسيلي انهن جو مائينڊ سيٽ جوڙيو پيو وڃي ته انقلاب ۽ سياست بيڪار شيون آهي،وقت جو اجايو ذيان آهي،اجايو واندڪائي جا ڪم آهن. ڪيرئر ازم جهڙا ٽرمز نوجوانن جي جهولي ۾ وجهي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته انقلابي سياست سماجي ڀلائي کان نوجوانن کي پري رکيو ويو آهي.جديد سرمائيدرايت جو جن جنهن بوتل مان نڪتو آهي ان ساڳي بوتل ۾ دنيا جي مظلوم طبقن ،شاگرد سياسي مزدور سياست کي ڪري رکيو آهي، ايتري قدر جو ڪنهن تعليمي اداري ۾ جيڪڏهن ڪا سياسي حل چل جو وڌندڙ لاڙو ڏسي نوجوانن کي هيسائڻ وارو عمل شروع ڪيو ويندو.نوجوان جيڪو هن ڌرتي جي گولي جو مهندار آهي جيڪو سياسي حل چل جو ڦيٿو آهي ان کي گهرجي ته جديد سياست ۽ فلسفي جي معيارن کي پرکي ڪري تحقيق جي نون بنيادن تي سرمائيداري جي ڄار مان نڪري سياست جا نوان گس ڳولهي سماج ۾ اتساهه پيدا ڪري ۽ سماج ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪري ڏيکاري.ڇاڪاڻ ته نوجوان واحد حل آهي هن زوال پزير معاشرن کي سرمائيداري جي اڏوهي کان بچائي سگهي ٿو.

نوجوان انقلابي عمل جو حصو ٿي دنيا جي ستل انسان کي جاڳائي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته نوجوان هر دور ۾ مثبت ڪردار نڀايو آهي، يونان جي خوبصورتي به اهو ئي نوجوان نسل هو جنهن فلسفي علم ادب ڄاڻ جا نوان درواز کوليا. دنيا کي جهالت جي اونداهي مان ٻاهر آندو.اڄ به نوجوان ئي آهي جيڪو هن مايوسي ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ پهنجو آدرشي ڪردار نڀائي سگهي ٿو. تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته يونان جو نوجوان هجي، يا فرانسي انقلاب جو نوجوان هجي، شڪاگو جا شهيد هجن،بنگال جا آزادي جي لاءِ  جاکوڙيندڙ نوجوان هجن يا وري ننڍي کنڊ جي آزادي لاءِ  جاکوڙيندڙ نوجوان هجن تاريخ جي هر موڙ تي اهو نوجوان ئي آهي جنهن تاريخ جا نوان باب جوڙيا آهن.

سنڌ جي نوجوانن کي گهرجي ته هن وقت سياسي سگهه جو نئون ٻوٽو ٻاري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي علمي ڄاڻ تاريخي ڄاڻ انقلابي فلسفي جي عمل کان واقف ڪن، پراڻن ڌقيانوسي ڪردارن کان پاسو ڪري انهن مٽي جي بتن کي ڪيرائي نوان ڪردار اڏين. ان سان سماج ۾ موجود مايوسي جهڙي وڌندڙ ماحول مان نڪرڻ جا گس ملندا. سياسي سگهه نوجوان وٽ آهي تاريخ  جو طاقتور هٿيار نوجوان  ئي آهي جيڪو اڀ ڏاريندڙ نعرن کان ويندي انقلابي معيارن واري سياست کي هٿي ڏئي سگهي ٿو.جديد دور ۾ نوجوانن کي گهرجي ته هو نون سياسي مورچن تان ناانصافي جو مقابلو ڪري دشمن قوتن سرمائيدار قوتن جي ڪريل معيارن سان پنهنجي علمي ڄاڻ وسيلي مقابلو ڪري کين مات ڏئي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.