”وفاق کي سفارش ڪيون ٿا“

تحرير: الياس سمون

ڪجهه ڏينهن پھريان وفاقي ڪابينا جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير شيري رحمان ۽ وفاقي وزير ٽيڪنالاجي امين الحق، ايم پي اي کيئلداس ڪوھستاني، وزيراعظم جي  بقول انھن جي ته خاص هدايتن تي سنڌ ۾ برساتي تباهڪارين جي جائزي وٺڻ جي لاءِ سڀ کان پهرين شروعات سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيٽي بندر واري ساحلي علائقي کان ڪيو ھو، ان دوران ماڻهن کي آٿت ڏيندي هنن چيو هو ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت برسات سٽيل ماڻھن جي امداد لاءِ جلد پيڪيج جو اعلان ڪندي، جنھن لاءِ سفارشون تيار ڪري رهيا آھيون، ھنن جو اچڻ ته ھيليڪاپٽر ۾ ٿيو پر پوءِ به ڊي سي ٺٽو ۽ صادق ميمڻ سان برسات متاثر ٺٽي ضلعي جي ساحلي علائقي ڪيٽي بندر جي ڪجهه حصي جو ديدار ڪيو، ڀرپاسي جي متاثر علائقن جو دورو ڪري جائزو ته ڪونه ورتو ويو، پر نيول بيس ڪيٽي بندر ۾ وفاقي وزير امين الحق، ايم اين اي کيئلداس ڪوهستاني ۽ وفاقي وزير شيري الرحمان ڪجهه صحافين سان ڳالهايو. هتان جي صحافين جو وفاقي وزيرن تي وڏو زور رهيو ته توهان ڪو اعلان ڪيو پر ڪنهن ھڪ به نه ٻڌي  جو ڪجهه چيو ٿي ويو ته جواب ۾ چيائين ٿي وفاق کي سفارش ڪيون ٿا.  شيري رحمان اهو مڃيو پئي ته بلوچستان کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ برساتي تباهڪاريون سنڌ ۾ ٿيون آھن، جنهن ڪري ڪراچي شھر جي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد اڄ ڪيٽي بندر پھچي خود زميني حقيقتن جو جائزو وٺي رهيا آھيون، برسات سبب گهرن، فصلن، روڊ، رستن، پُلين، سم نالن جي نقصان توڙي فوت ٿيل ماڻھن جي امداد لاءِ وزير اعظم کي سفارش موڪلي ويندي.

اُتي موجود وفاقي وزير انفارميشن ٽيڪنالاجي امين الحق جو چوڻ هو ته ٺٽي ضلعي اندر برساتي تباهڪارين سبب 9 هزار کان مٿي گهر تباهه ٿيا آھن، 10 انساني جانيون ضايع ٿيون آھن،  گهرن، فصلن ۽ انفراسٽرڪچر جو نقصان الڳ آھي، وزير اعظم پاڻ بلوچستان جي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين جي نگراني ڪري رهيو آھي ۽ وفاقي وزيرن تي ٻڌل سندن ٽيم کي سنڌ اماڻيو آھي ته جيئن اسان زميني حقيقتن جو جائزو وٺي سنڌ جي برسات سٽيل ماڻھن جي واهر ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت  کي مناسب نموني سنڌ جي مدد ڪرڻ جي سفارش ڪيون.

ان کان اڳ ڊي سي ٺٽو غضنفر علي قادري ۽ وڏي وزير جي معاون خصوصي صادق علي ميمڻ، وفاقي حڪومت جي ٽيم کي ٺٽي ضلعي اندر برساتي تباهڪارين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ سفارش ڪئي ته وفاقي حڪومت ٺٽي ضلعي جي برسات متاثرين جي بحالي لاءِ قدم کڻي ، تنهن تي به شيري رحمان چيو پئي ته وفاق کي سفارش ڪيون ٿا.

وفاقي وزير شيري رحمان ٺٽي ضلعي جي تباهيءَ تي  ايمرجنسي بنيادن تي ڪوبه رليف نه ڏنو نه ڪو اعلان ڪيو، ڊي سي ٺٽو ۽ صادق ميمڻ پاران وفاقي وزير کي ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي ته وفاقي وزيرن وري به ورجايو پئي ته وفاق کي سفارش ڪيون ٿا. ان دوري دوران جھمپير ڪوئلي جي کاڻ ۾ دٻجي ويل 9 پورھيتن جي معاوضي جي ڳالهه ٿي ته به هنن چيو ته وفاق کي سفارش ڪيون ٿا، پلون جيڪي برساتن سبب وھي ويون، ان بابت به جملو آيو ته وفاق کي سفارش ڪيون.

هاڻ ڳالهه سوچجي ته جيڪڏهن  هر مسئلي جي سفارش وفاق کي ڪيون ٿا ته پوءِ اهو ته ٻڌايو ته سنڌ سرڪار ڪھڙي درد جي دوا آهي، ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ڪھڙي مرض جي دوا آهي، توڙي جو وفاقي ڪابينا جي دوري دوران  ھر متاثر کي اها اميد هئي ته ڪجهه نه ڪجهه اسان جو ٿيندو، پر سڀ سفارش جي ورچڙهي ويو. ڪو به ايمرجنسي بنيادن تي اعلان نه ٿي سگهيو، ته پوءِ وفاقي وزيرن جي هتي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، وفاق کي ته اخبارن ۾ خبرون ڏسي ڪراچي مان ويهي به سفارش ٿي پئي سگهي، وڌ ۾ وڌ اهو ڪريو ها ته ڊي سي کان ان جا منپسند انگ اکر وٺي سفارش ڪري ڇڏيو ھا،  ھيتري عوام جي پيسن کي فضول وڃان جي ڪھڙي ضرورت ھئي.

بهرحال  ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ضلعي بابت جيڪا برساتن جي تباهيءَ تي رپورٽ پيش ڪئي هئي، ان تي علائقي واسين جي ڪاوڙ به ڏاڍي ھئي، ڊي سي ٺٽو ھڪ ذميوار آفيسر آهي، جيڪو صرف ان محل نظر آيو ھو، باقي اهو به پوري برسات ۾ ڪٿي به نظر نه آيو هو، ان جي رپورٽ انگ اکر درست ڪھڙا ھوندا، جنهن گرائونڊ ناھي ڏٺو، علائقي جي نه خبر نه چار سو علائقي تي ڪھڙي رپورٽ ڏيندو،  ڊي سي ٺٽو جي رپورٽ کي ته بروقت مقامي ماڻهن رد پئي ڪيو.

مقامي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته لکين ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل تباهه ويا آهن، ھزارين خاندان دربدر ٿي روڊن رستن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن،  ايمرجنسي جي حوالي سان ڪو به انتظاميا جو عمل تعريف جوڳو ناهي،  ھزارين ڪچا گھر لڙھي ويا آهن، ٺٽي ضلعي ۾ انڪم جو وڏي ۾ وڏو ذريعو زراعت آهي، زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي،  ايندڙ 6 مھينن تائين زراعت ٿي نه سگھندي، ماڻهو ڪنگال ٿي ويندا، بهرحال سفارش ڪئي وئي ته زرعي قرض معاف ڪرايا ويندا، جيڪڏهن زرعي قرض معاف ڪرايا ويندا ته ھتان جي ماڻهن کي ٽڪي جو به فائدو نه ملندو، اسان وٽ زمين تي قرض ئي ڪون ٿو ملي، ڇو ته اسان جو زمين جو رڪارڊ گذريل 13 سالن کان سنڌ سرڪار جي قبضي هيٺ آيل آهي، جتي رڪارڊ نه ھوندو اتي زمينن تي ڪھڙا قرض ملندا، پوءِ به چيائون وفاق کي سفارش ڪيون ٿا، پوءِ الائي وفاق وٽ سفارش پھتي الائي نه يا وفاق به سنڌ جي برساتي تباهڪارين جي سفارش ڪٿي مٿي نه موڪلي ھجي، سو چوڻ جو مقصد ته جيڪڏهن توهان جي وس ۾ ڪجهه نه هو ته توهان جو هتي اچڻ جو ڪهڙو مقصد هو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.