ملڪ جو”ڪنگ ڪانگ“ ۽ عالمي تماشو“ !

تحرير: علي محمد ميمڻ

 ملڪ جي سياست ۾ روز نوان تجربا ۽ نوان تماشا ٿي رهيا آهن ۽ هتان جي ديسي سهولتڪارن ۽ پرڏيهي سيڙپ ڪارن جي ڪيل تجربن ۽ تيار ڪيل جماعتن جي منظر عام تي آيل ڪاررستانين موجب سيڙپ ڪارن  طرفان  رانديگرن جي جماعت  تيار ڪري ملڪ جي سياسي ميدن ۾ لاٿي وئي جنهن لاءِ  ڏيهي ۽ پرڏيهي سهولتڪار يڪجا ۽ متحد ڪيا ويا ۽ انهيءَ شاهڪار تي ايترو ته قارون وارو خزانو لڳايو ويو جو آخرڪار اها جماعت چار سال اڳ ملڪ جي حڪمران ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ جادوگرن جي ڪرتبن ۽ ڪمالاتن جي ذريعي 2018ع واريون چونڊون هارائڻ جي باوجود سندن تيار ڪيل جماعت کيڪمپيوٽرائزڊ جادو منترن   ۽ ڪرتبن ذريعي ڪامياب قرار ڏئي ملڪ جي حڪومت، اقتدار ۽ سمورا  اختيار ان جي حوالي ڪري کيس سموري ملڪ جو مالڪ ۽  خودمختيار آمر بڻائي ڇڏيو ويو. جنهن جي چئن سالن جي عرصي جي حڪمراني ۾ ملڪ نه صرف سياسي انتشار ۽ مختلف سماجي ۽ عوامي شعبن ۾ ڀنڃ ڊاهه ۽ ڏار پئجي ملڪ جي بنيادن تائين هيٺ لهي ويا. ان بعد ملڪ جو پارلياماني ۽ جمهوري سرشتو پڻ تبديل ڪري ملڪ ۾ شخصي صدارتي آمريت قائم ڪرڻ  وارا انتظام ڪرڻ شروع ڪيا ويا ته جيئن هڪ شخص حڪمران ۽ اختيارن جو مالڪ هجي جنهن تي ٿيل سيڙپڪاري وياج ۽ نفعي سميت وصل ٿئي ۽ انهي هيرو هٿان سمورو ملڪ لکرائي وٺجي .!

     اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف پارليامان ۾ منظور ٿيل بي اعتمادي واري رٿ ۽ سندس حڪومت ختم ٿيڻ بعد ڪپتان خان طرفان پنهنجي انتقامي ۽ انا پرست طبيعت ۽ مزاج جو پنهنجي جماعت کي پڻ شڪار ڪيو ويو ۽ پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي جي 131ميمبرن طرفاناجتماعي استعفائون ڏئي باجماعت آپگهات ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، جنهن تي قومي اسيمبلي ۾ مرحلي واري ڪارروائي هلندڙ آهي . سياسي جماعتون پنهنجي سموري جدوجهد، صلاحيتون ، وسيلا ۽ تعلقات استعمال ڪري عوام جي چونڊيل ايوانن ۾ وڌ ۾ وڌ تعداد ۾ سيٽون حاصل ڪري ويهڻ لاءِ  جدوجهد ڪنديون آهن ۽ سياست ۾ عوامي مڃتا ۽ سياسي ڪاميابي جو اهو رستو مڃيل ۽ ڪامياب قرار ڏنو ويندو آهي. جڏهن ته ڪنهن خاص مدد ۽ جادوگري سان سيٽون حاصل ڪرڻ وارن کي يقينن عوام جي ووٽ، ڏنل ذميوارين ۽ عزت جو ڪهڙو قدر ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ جو هنن کي وري به عوام وٽ نه پڻ ڪن خاص درٻارن مان ئي سيٽون ملڻ جا آسرا هوندا آهن تنهنڪري هو صرف دربان ٿيڻ تي ئي فخر ڪندا آهن ۽ عوام سان سندن ڪوبه مطلب نه هوندو آهي.يقينن اهو ئي سبب هو جو  ڪپتان خان طرفان پنهنجي جماعت جي سمورين قومي اسيمبلي جي سيٽن تان استعفائون بنا ڪنهن سوچ سمجهه ۽ بنا ڪنهن درد ۽ ذميواري واري ڪنهن احساس جي ٽشو پيپر اڇلائڻ وانگر ڏنيون ويون. اهڙي ناداني ۽ ڪم عقلي چاهي ڪپتان ۽ انهي جي عقيدت مندن لاءِ  اهو عمل ڪيترو به درست هجي پر جماعت ۾ سڀ مريد ۽ مٿي ڦريل جنوني به ناهن جو ملڪ ۾ ٻاريل باهين ۽ مچن ۾ ٽپا ڏيندا وتن، اهڙي قسم جي صورتحال جا  ٻين اڳواڻن تي تمام گهڻا ڪهري اثر  پيا آهن ۽ اهي لڳاتار پنهنجا سياسي ، سماجي ۽ ڪاروباري نقصان برداشت ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجا رستا ڌار ڪندي نظر اچي رهيا آهن .

ڪپتان خان ۽ پي ٽي آءِ جي هاڻوڪي سياست ۽ قدمن مان ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته هو ملڪ جي سياسي وهنوار ۽ طريقيڪار کي وساريسياسي ميدان ۾ هٿياربند ويڙهه ڪرڻ واري رستي تي هلي پيا آهن. ڪرڪيٽرن واري ٻولي چئجي ته هو ملڪ جي ڪرڪيٽ گرائونڊ يا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي اکيڙي انهن ميدانن ۾ ٽريڪٽر ۽ هر هلائڻ چاهين ٿا يا   رڇن ۽ هاٿين جا کيل تماشا يا گهوڙا ڊوڙائڻ  چاهين ٿا.

تازو جيڪا دلچسپ صورتحال اسان جي سامهون آئي آهي ، ان موجب پي ٽي آءِ جي استعفائون ڏنل قومي اسيمبلي جي ميمبرن جيپهرين 11 ميمبرن جي  لاٽ يا کيپ جون استعفائون منظور ڪيون ويون، جنهن کي اليڪشن ڪميشن طرفان پڻ نوٽيفيڪيشن جاري ڪري انهن سيٽن کي خالي قرار ڏئي ڇڏيو ويو.اليڪشن ڪميشن طرفان انهن ڄاڻايل 9 تڪن تي ننڍي چونڊ 25 سپٽمبر تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. مزيدار ڳالهه آهي ته ڪپتان عمران خان طرفان قومي اسيمبلي جي انهن سمورن 9 تڪن اين اي 22مردان 3، اين اي 24 چارسده 2، اين اي 31 پشاور 5، اين اي 45 ڪرم 1، اي اي 108 فيصل آباد، اين اي 118 ننڪانه صاحب2، اين اي237 ملير 2، اين اي 239 ڪراچي 1 ۽ اين اي 246 ڪراچي ڏکڻ 1تان پاڻ چونڊ  وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.جڏهن ته چونڊن ۾هڪ کان وڌيڪ سيٽن تي ڪامياب ٿيندڙ اميدوار صرف هڪ سيٽ ئي پاڻ وٽ رکي سگهندو ۽ باقي سيٽون کين ڇڏڻيون پونديون.

     ملڪ جي سياست ۾ پيدا ٿيندڙ امڪاني فيصلن موجب،  پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان قومي اسيمبلي جي سمورين سيٽن تي ڏنل استعفائن مان ايندڙ ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ وڌيڪ 100 سيٽن جون استعفائون پڻ جلد منظور ٿيڻ واريون آهن، جنهن مان جڏهن  قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ تي عمران خان اڃا تائين قومي اسيمبلي جو ميمبر برقرار آهي پر اسپيڪر طرفان سندس استعفي پڻ ڪنهن به وقت منظور ٿي سگهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ سندس جماعت جي خالي ڪيل سمورين سيٽن تان اڪيلي ڪپتان خان طرفان وري چونڊون وڙهڻ جو مطلب صاف طور تي اهو معلوم ٿي رهيو آهي ته شايد سندس جماعت مان هاڻي ڪوبه اميدوار ڪپتان جي اهڙي قسم جي ديوانگي واري سياست ۾ شامل ٿي وڌيڪ تماشو ٿيڻ کان لنوائڻ يا اعتراض ڪرڻ لڳا آهن جنهن تي ڪپتان خان ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجا سمورا گناهه ۽ ثواب پاڻ ئي  پنهنجن ڪلهن تي کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ٻي صورت اها پڻ ٿي سگهي ٿي. حڪمران اتحاد کي سندن خالي ڪيل سيٽن تي ڪامياب ٿي قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ کان روڪڻ واري هڪ قسم جي ڪوشش پڻ قرار ڏئي سگهجي ٿو. تنهن هوندي به اهو معاملو انهن 9 چونڊ تڪن جي عوام جي فيصلن تي ٻڌل آهي ته هو ڪيترين سيٽن تي مٿي ڦريل ڪپتان کي ٿا ووٽ ڏين  ۽ ڪيترن تڪن تي حڪومتي اتحاد جي اميدوارن کي ٿا ڪامياب ڪن. هاڻي ڪپتان 109 سيٽن تي چونڊ وڙهي پاڻ کي دنيا جي سياست جو اٺون عجوبو يا ڪنگ ڪانگ قرار ڏياري ڪو نئون عالمي رڪارڊ ته قائم ڪري سگهي ٿو پر اسان جهڙي ملڪ ۽  دنيا جي سياست ۾ انا پرستي، شخصيت پرستي ۽ غير ذميواري واري وڏي مثال، شاهڪار بت وڏي ڪٺ پتلي  يا ڪنگ ڪانگ طور ڊگهي عرصي تائين ضرور ياد ڪيو رکيو ويندو،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.