عمران خان جو مڪمل بُرو حشر ٿيڻ وارو آھي

تحرير: محمد خان سيال

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي چيئرمن عمران خان نيازيءَ خلاف غيرقانوني فنڊنگ ڪيس ثابت ٿيڻ تي سندس  عزت مٽيءَ ۾ ملي وئي آھي. عمران خان  گهڻو ڪري سکڻا پر سھڻا سھڻا بيان لاڳيتو جاري ڪري  پاڻ کي فرشتو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو آھي. ٻيو ته  ٺھيو پر ناجائز پرڏيھي فنڊ حاصل ڪرڻ جا، اٺن ورھين کان روڪيل ڪيس تازو  ثابت ٿيڻ  تي سندس پوزيشن گھڻي بڇڙي ٿي وئي آھي ۽ سولي سنڌيءَ ۾ چئجي سگهي ٿو ته سندس عزت مٽيءَ ۾ ملي وئي آھي.

اھا پنھنجي جاءِ تي سچائي ۽ سندس ڪمزوري آھي ته عمران خان نيازي پنھنجن لاڳيتين غلطين کي مڃي ۽ پوءِ انھن کي درست ڪري پنھنجي مکيه ڀلائي وارا فيصلا ڪونه ڪندو آھي. سندس سوچ موجب سکڻا پر وڻندڙ لاڳيتا بيان جاري ڪري، عام ماڻھن کي پنھنجو حامي بڻائڻ وارو سلسلو جاري رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو رھي ٿو. اسان جي ايمانداريءَ سان راءِ آھي ته جيڪڏھن ھو عوام جي ڀلائيءِ لاءِ پوڻن چئن ورھين جي اڳوڻي وزيراعظم طور پنھنجي حڪمرانيءَ ۾ ڪي خاص ڪارناما ڪندو رھي ھا ته اڄ عوام ۾ زوردار مقبول به ھجي ھا ۽ کيس قومي اسيمبليءَ ذريعي قانوني طور ڪونه ھٽايو وڃي ھا ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي اٽڪل 75 ورھين جي تاريّ ۾ ڪنھن وزيراعظم کي مقرر وقت کان اڳ قومي اسيمبليءَ ذريعي ھٽائڻ جو اھو پھريون مثال آھي. اھا اھم ڳالھ آھي ته جيڪڏھن ڪنھن کي قانوني طور ھٽائڻ جي  ڪامياب ڪوشش ڪئي ويندي آھي ته ھو پاڻ کي عوام جي اڳيان سڌارڻ جي ڪوشش ڪري وري حڪمران طور ڪامياب ٿيڻ جي نيڪ نيتيءَ سان ڪوشش ڪندو رھندو آھي، رڳو سکڻا بيان ڪونه ڏيندو رھندو آھي. ھونئن به اھا سچائي آھي ته رڳو سکڻن بيانن تي سياسي اڳواڻن جو سڄي زندگي گذرسفر ڪونه ٿيندو رھندو آھي.

تازو پابنديءَ واري فنڊنگ بابت اھم فيصلو آيل آھي جيڪو اٽڪل اٺن ورھين کان روڪيل ھو پر انھيءَ مکيه فيصلي، ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سربراھ عمران خان  جيڪو ھر ڏھاڙي ظاھري طور وڻندڙ بيان ڏئي، عام ماڻھن کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو آھي پر عمران خان نيازيءَ جا سکڻن جذباتي بيانن ڪارڻ ھاڻي ٽپڙ ٽيشن تي ھليا ويا آھن ۽ ائين لڳي ٿو ته عمران خان نيازيءَ جي رھيل عزت مٽيءَ ۾  ملي ويئي آھي يعني سندس برو حشر ٿي ويو آھي جنھن ۾ سندس ئي ھٿ آھي. ڀلي بي ريا بڻجي تبصرا ڪريو پر اھا سچائي آھي ته سندس ڪردار شروع کان سخت اعتراض جوڳو رھيو آھي ڇاڪاڻ ته ھن عملي طرح عوام جي ڀلائيءَ لاءِ سکڻا بيان جاري ڪيا آھن پر عملي طرح عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪارناما بلڪل ڪونه ڪيا آھن.

.بھرحال، اھو اھم سوال واسطيدار اداري کان ضرور پڇڻ گهرجي ته تازو اھم فيصلي جي اعلان کان اڳ، توھان عمران خان خلاف ڪيس تي اٺ  ورھيه ڊگهي دير ڇو ڪئي وئي جنھن دوران پوڻا چار سال ته ھو پاڻ به وزيراعظم رھيو ھو.  اھو ڪيس  پي ٽي آءِ جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر 14 نومبر 1914 تي، اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ڪيو ھو يعني ٿلھي لکي اٽڪل اٺ سان اڳ داخل ٿيو ھو.

اھو پنھنجي جاءِ تي وڏو ظلم ۽ ناانصافي آھي ته انھيءَ اھم ڪيس ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪئي وئي. بھرحال، پوءِ به اھا ڳالھه پنھنجي جاءِ تي مناسب آھي ته  عمران خان نيازيءَ جي بدافعالن  جي ڪري ئي، اٺن سالن کانپوءِ ڪيس جو فيصلو ٿيو آھي جڏھن ته عمران جا حامي انھيءَ ڪيس خلاف عجيب ۽ نامناسب بيان جاري ڪندا رھيا آھن. منھنجي ڇنڊڇاڻ آھي ته جيڪڏھن اھو اھم فيصلو اڳ اچي ھا ته عمران جھڙن ذھني مريضن مان ملڪ جي جان ڇٽي وڃي ھايعني ملڪ جو فائدو ٿئي ھا. بھرحال، مناسب صلاح اھا آھي ته سکڻن سھڻن بيانن تي لاڳيتو پنھنجو گذارو ڪندڙ عمران خان نيازيءَ کي مڪمل ۽ ترت سياست ھميشھ لاءِ ڇڏڻ گھرجي جنھن ۾ ملڪ جو  وڏو فائدو سمايل ھوندو. بھرحال، اليڪشن ڪميشن جو اھو چوڻ ٺيڪ آھي ته پي ٽي آءِ تي غير ملڪي بندش پيل  فنڊنگ ثابت ٿي وئي آھي. عمران خان جو قسم کنيل بيان ڪوڙو آھي.

غير قانوني فارن فنڊنگ ۽ نااهلي ريفرنس تي اليڪشن ڪميشن عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. پي ڊي ايم طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ داخل نااهلي ريفرنس تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي 18 آگسٽ جڏهن ته فارن فنڊنگ ڪيس تي 23 آگسٽ تي گهرايو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان موجب عمران خان کي 23 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. ڪاز لسٽ موجب اليڪشن ڪميشن 23 آگسٽ جي صبح 10 وڳي فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، جنهن لاءِ عمران خان کي نوٽيس جاري ٿيل آھي. ان کانسواءِ پاڪستان پي ڊي ايم طرفان فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ عمران خان جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ريفرنس تي به عمران خان کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آھي.

ٻئي طرف، ن ليگ قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته عمران خان پاڪستان لاءِ تمام گهڻو خطرناڪ آهي، انھيءَ فتني جي شرپسندي کي هميشه لاءِ ختم ڪيو وڃي. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته هو (عمران) چوندو ھو ته ايماندار آهيان ۽ چوري ناهيان ڪندو پر  اٺن سالن تائين پابندي پيل فنڊنگ جي جاچ ٿيندي رهي، جنهن ۾ سڀ کان وڏي چوري ۽ مني لانڊرنگ ثابت ٿي وئي آھي.

نواز شريف چيو ته ان کي علم هو ته ھن تاريخ جو سڀ کان وڏو ڌاڙو هنيو آهي، هي پاڪستان ۾ پرڏيهي ايجنڊا لاڳو ڪري رهيو آهي، اهو شخص پرڏيهي ايجنڊا کڻي پاڪستان آيو هو. نواز شريف چيو ته ثاقب نثار ان شخص کي جعلي صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڏنو، ثاقب نثار عمران خان سان گڏجي ظلم ڪري ويو آهي، جيڪو ظلم ان شخص ڪيو، قوم ان جو نوٽيس وٺي، اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ معمولي ناهي.  بئي طرف، عمران خان خلاف اٺ سال اڳ ڪيس داخل ڪندڙ، اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ درخواست گذار اڪبر ايس بابر، عمران خان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي. ڪميشن جي فيصلي بعد اڪبر ايس بابر چيو آهي ته پي ٽي آءِ مٿان سمورا الزام ثابت ٿي ويا آهن، عمران خان کي استعيفيٰ ڏئي پارٽي نظرياتي ڪارڪنن حوالي ڪرڻ گهرجي. اڪبر ايس بابر چيو ته عمران خان آئوٽ ٿي ويو، هاڻي اهو طئه ڪرڻو آهي ته عمران خان ڪلين بولڊ آهي يا سِلپ تي آئوٽ ٿيو. سندس چواڻي آئون آخري وقت تائين ڪيس وڙهندس.

بھرحال، منھنجو تبصرو آھي ته عمران خان نيازي ٻئي طرف وقت کان اڳ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ مھم ھلائي رھيو آھي. جيڪڏھن اڳ بھ کڻي عام اليڪشن ٿئي ته به عمران جو ڪردار اعتماد جوڳو نه  رھيو آھي سو مان نٿو سمجان تو ھو وڏي گهڻائي سان اليڪشن کٽي ٻيھر وزيراعظم ٿيندو جڏھن ته سچائي اها آھي ته کيس ”اسٽيبلسشمنٽ“ آندو ھو پر مان سمجهان ٿو ته ھو ٻيھر وزيراعظم بڻجي ڪونه سگهندو. ھا البت جيڪي ھن غيرقانوني فنڊ حاصل ڪيا ھا، منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب ناجائز پرڏيھي فنڊن حاصل ڪرڻ تي کيس نااھل بڻائي سگهجي ٿو. عمران خان لاڳيتو ٻٽاڪون ھڻندو رھيو آھي. سندس ڪارڪردگي عوام دوست ھرگز ڪونھي. منھنجي بي ريا راءِ آھي ته عمران خان  ٻيھر وزيراعظم  ڪونه ٿيندو جنھن ۾ ملڪ جو فائدو سمايل ھوندو. بھرحال، سپريم ڪورٽ انھيءَ سلسلي ۾ اھم فيصلو ڪندو جنھن جو انتظار رھندو پر اھا ڳالھ نوٽ ڪرڻ جي آھي ته پنجاب جي سرڪار کي ھٽائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ٽن ميمبرن جو فيصلو ڪيو. بھرحال، اھم فيصلي تي فل ڪورٽ ھجي ته بھتر.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.