چين تائيوان تڪرار ۽ وڏي جنگ جو خطرو

تحرير: يوسف سيف

آمريڪا جي ھڪ اعليٰ سطحي وفد جي اڳواڻي ڪندي آمريڪي  اسپيڪر نينسي پلوسي جڏھن  ڏور ايشيائي  ملڪن جي دوري تي نڪتي ھئي تھ انھن ملڪن ۾ تائيوان جي دوري جي خبر دنيا جي ھڪ ٻئي وڏي ملڪ چين کي ڪاوڙائي وڌو ھو.

ان پس منظر ۾ چين ۽ آمريڪا وچ ۾ اڳي ئي موجود رھندڙ تڪرار ھڪ نئين ڇڪتاڻ جو روپ ورتو.

چين ان دوري جي مخالت ڪئي ھئي ۽ اھو پڻ چٽو ڪيو ھو تھ اھڙي ڪنھن بھ مھم جوئي جا خراب نتيجا نڪرندا،ساڳي طرح سان آمريڪا پاران بھ رد عمل سامھون آيو جنھن سان عالمي امن ھڪ ڀيرو وري خطري جي ور چڙھي ويو آھي،جيتوڻيڪ نينسي پلوسي جي دوري بابت اھو چٽو نھ ڪيو ويو ھو تھ اھا تائيوان ويندي يا نھ پر چين کي اھڙو  شڪ ٿيو ھو جيڪو ھاڻي پڪ ۾ بدلجي ويو آھي.ھن وقت آمريڪي وفد اھو دورو ڪري ورتو جنھن خطي ۾ صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آھي.

چين نينسي پلوسي جي اھڙي دور سان ئي تائيوان کي ھر سطح تي سوڙھو ڪرڻ شروع ڪيو آھي،جديد ۽ خطرناڪ ھٿيارن سان خاص ڪري سرحدي پٽي ۽ بحري حدن ۾ اڳيان وڌي رھيو آھي،ميزائلن سان سٿيل  وڏيون گاڏيون تڪڙيون ڊوڙندي انھن کي فٽ ڪري رھيون آھن.جنگ ۾ ڪتب ايندڙ ھر ھڪ شيءَ کي متحرڪ ۽  فعال ڪري ڇڏيو آھي،جنگي مشقون شروع ڪيون ويون  آھن، ماھر ان کي ڪنھن بھ خطري کان خالي قرار نھ پيا ڏين.جنھن ڪري اھو امڪان آھي تھ ڪنھن بھ وقت ڪا وڏي جنگ ڇڙي سگھي ٿي.جيڪا نھ رڳو خطي پر سموري دنيا کي پنھنجي گھيري ۾ آڻي ڇڏيندي.

جيتوڻيڪ آمريڪا ٻھ طرفي چال ھلندي پھرين  اھو چيو آھي تھ اھو دورو نينسي پلوسي ذاتي حيثيت ۾ ڪيو آھي پر اھو دنيا کي دوکو ڏيڻ برابر آھي. ٻئي پاسي تائيوان جي دور مڪمل ڪرڻ بعد جڏھن اھم آمريڪي وفد جپان پھتو آھي تھ نينسي پلوسي جو ن ڳالھوين بھ عالمي تڪرار کي گھٽائڻ بجاءِ  باھ تي تيل ھارڻ وارو مثال لڳي رھيون آھن.

جپان پھچڻ تي نينسي پلوسي جو چوڻ ھو تھ آمريڪا تائيوان کي اڪيلو نھ ڇڏيندو ۽ چين کي اھا اجازت نھ ڏبي تھ تائيوان کي اڪيلائي جو شڪار ڪري ڇڏي.آمريڪي وفد سنگاپور،ملائيشيا.ڏکڻ ڪوريا،تائيوان ۽ جپان جو دورو ڪيو آھي،نينسي جو چوڻ آھي تھ سندس دورا جو مقصد ڪنھن بھ طرح صورتحال کي تبديل ڪرڻ جو ارادو نھ آھي.

چين ۽ تائيون جو تعلق ۽ تڪرار

اھو پنجاھھ وارو ڏھاڪو ھو جڏهن چين ۾ گهرو ويڙهه هلي رھي ھئي  ان وقت چين ۾ چينگ ڪائي شيڪ  نالي قومپرست اڳواڻ جي پارٽي ڪومنتانگ جو زور هو پر مائوزيتنگ جي اڳواڻي ۾چين ۾ انقلاب ڪامياب ٿيو ،ان بعدچينگ ڪائي شيڪ چيني ٻيٽ تائيوان فرار ٿي ويو، جتي هو گڏيل حڪومت ۾ گورنر به رهيو.پنهنجي عارضي حڪومت بھ قائم ڪئي،تائپي کي عارضي گادي جو هنڌ قرار ڏنو.

تائيوان ۾ تڏھن کان هڪ الڳ ۽ آزاد حڪومت آهي. تائيوان کي سرڪاري طور تي چائنا  جمهوريه سڏجي ٿو ۽ وري چين جو سرڪاري نالو عوامي جمهوريه چائنا آهي.تائيوان اسٽريٽ هن ٻيٽ کي چين کان جدا ڪري ٿو.تائيوان جي آبادي ٻھ ڪروڙ چاليھھ لک کن آھي،فوجي صلاحيت بھ چين سان مقابلي ڪرڻ جھڙي نھ آھي.ستن ڏهاڪن کان بيجنگ حڪومت تائيوان کي ھڪ باغي صوبو سمجھندو اچي ٿو.۽ ان کي چين سان شامل ڪرڻ جو ارادو  رکي ٿو.

تائيوان  گڏيل قومن جي ماتحت ادارن  جو ميمبر تھ آهي،پر اھو گڏيل قومن ۾ ھڪ رياست طور نٿو ڳڻيو وڃي.چين تائيوان کي ويٽو پاور ذريعي پري رکندو اچي ٿو.

دنيا جي جن ملڪن تائيوان حڪومت کي تسليم ڪري آزاد ملڪ قرار ڏنو آھي انھن ۾ آمريڪا بھ شامل آھي.

تائيوان سان آمريڪا جا لاڳاپا ڪيئن آهن؟

چين ۾ ڪميونسٽ حڪومت جي اقتدار بعد ٽن ڏهاڪن بعد آمريڪا جمهوريه چين (تائيوان) کي سموري چين جي حڪومت طور تسليم ڪيو ھو  پر 1979ع ۾ واشنگٽن پاران تائيوان سان سفارتي لاڳاپا ۽  دفاعي معاهدا ختم ڪري ڇڏيا ھئا.

چين سان لاڳاپا قائم ڪيا،آمريڪا جي تائيوان سان غيررسمي تعلق ڪڏھن بھ ختم نھ ٿيو آھي.فوجي لاڳاپا بھ آھن.ڪجھھ سالن کان تائيوان کي وڌيڪ سگھاري ڪرڻ لاءِ آمريڪا ڪيترائي دفاعي معاھدا ڪيا آھن،چين جي ھن وقت جي صدر شي جن پنگ کي ملڪ جو طاقتور اڳواڻ سمجھيو وڃي ٿو جنھن ڪجھھ سالن کان تائيوان کي ٻيھر چين سان شامل جي ڳالھھ تي زور ڏنو آھي.ھو ان لاءِ طاقت استعمال ڪرڻ واري امڪان کي بھ رد نٿو ڪري.

وڏا ملڪ پنھنجن مفادن کي اڳيان رکندي ننڍن ملڪن کي استعمال ڪري پوءِ ان مان ھٿ ڪڍي ڇڏيندا آھن،جڏھن آمريڪا سمجھيو تھ چين کي اڳوڻي سوويت يونين کان ٿورو ڇڊو ڪجي تھ ھن تائيوان سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا ھئا. آمريڪا جي فوجي صنعت جي لاءِ بھ جنگي ماحول جوڙڻ ھن جي پاليسين جو اھم نقطو رھيو آھي.اتر ڪوريا جي مقابلي لاءِ ھو ڏکڻ ڪوريا جنھن کي جمھوري ڪوريا سمجھيو وڃي ٿو ان جي ھر طرح سان پٺڀرائي ڪندو رھي ٿو.

ھن وقت دنيا ۾ چين جي وڌندڙ فوجي ۽ اقصادي سگھھ کان ڊنل آمريڪا ھر ھنڌ اھڙا ملڪ ڳولي انھن جي پٺڀرائي ڪري ٿو. جيئن ھو پنھنجو اثر وڌائي سگھي.چين کي سامھون ڪرڻ جي لاءِ ھو ڪجھھ ٻين ملڪن کي علائقائي يا خطي ۾ سگھارو ڪري بيھاري ٿو،جئين ڪواڊ وارو اتحاد آھي،جنھن ۾ آمريڪا، انڊيا، آسٽريليا ۽ جپان پاڻ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنر آهن.2007 ۾ جپان جي اڳڀرائي سان قائم ٿيندڙ  چئن ملڪن جو اتحاد موجود آھي،جنھن کي وري ڏھن سالن بعد 2017 ۾ صدر ٽرمپ ٻيھر منظم ڪيو.

پئسيفڪ وارو ھي خطو واپار جي سامونڊي روٽ جي لحاظ سان وڏي اھميت رکي ٿو.جنھن ڪري بھ ان تي تڪرار وڌندو، ڇاڪاڻ جو دنيا جي واپاري سرگرمين جو خاص لنگھھ آھي.چين دنيا جي وڏن ملڪن ۾ شامل ٿئي ٿو اھو بھ نھ چاھيندو تھ سندس پاڙي ۾ ڪو اولھھ يا وري آمريڪا ڪو اھڙو مضبوط قلعو ٺاھي وٺي جيڪو ھن جي سموري نظام جي لاءِ خطرو ھجي،ان ڪري ئي ھي معاملو وڌي رھيو آھي.

آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ چيني صدر شي جي پنگ جي  ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه به ٿي آھي،جنھن ۾ تائيوان ئي موضوع رھيو آھي.چين ڪيترائي ڀيرا  آمريڪا کي خبردار ڪري چڪو آهي.پر ان جو نوٽس نھ ورتو ويو آھي.ھن وقت خطي ۾ چين جون مشقون جاري آھن،سمنڊ ۾ آمريڪي ٻيڙا بھ موجود آھن جيڪي بھ حالتن تي چوڪسي ڪري رھيا آھن،ڪنھن بھ اٻھرائي يا تڪڙ جي نتيجي ۾ ھي بھ يوڪرين روس جنگ جيان ھتي بھ خراب صورتحال جنم وٺندي.جنھن سان ھڪڙا ملڪ ھڪڙي پاسي ۽ ٻيا وري ٻئي پاسي ٿيندا امڪان آھي تھ  دنيا جا اڌ کان وڌيڪ ملڪ جنگ ۾ ڪاھي پوندا،نتيجو ڪھڙو بھ نڪري اھو گھڻو خطرناڪ ئي ھوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.