اوٻاوڙو: ڳوٺاڻن جو بااثرن ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

اوٻاوڙي ۾ ڳوٺاڻن پاران بااثرن ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ الهيار عباسي جي رهواسين عبيدالله، صابر، مائي حبيبان عباسي ۽ ٻين معصوم ٻارڙن سوڌو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته برادري جي بااثرن حبيب الرحمان، يوسف، گلزار ۽ ٻين موٽرسائيڪل ڦر جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو جنهن مان عدالت باعزت آجو ڪيو.

هنن چيو ته عدالت مان آجي ٿيڻ بعد بااثر مڇرجي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، جڏهن ته رائونتي پوليس به بااثرن جي چرچ تي بنا جواز چڙهايون ڪري تنگ ڪري رهي آهي.

ڳوٺاڻن ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪندي چيو ته هو مسڪين ماڻهو آهن، بااثرن جي زيادتين جي نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.