ڪنڌڪوٽ: گذريل رات اغوا ٿي ويل نوجوان جي بازيابي لاءِ وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ ۾ گذريل رات اغوا ٿي ويل نوجوان جي بازيابي لاءِ وارثن پاران انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو.

مغوي نوجوان جي وارثن ظفر، فرحان ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڌرڻي سبب ٻن ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جڏهن ته پوليس ۽ انتظاميا پهچي مغوي جي وارثن کي بازيابي جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

ان موقعي تي مغوي جي ڀاءَ ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل رات سندن ڀاءَ زوهيب سئوٽ سهيل ملڪ ڪار تي ڳوٺ الاهي بخش اچي رهيا هئا ته مڇي ٻنڊو وٽان اوچتو 6 هٿياربند روڊ تي نڪري آيا.

هن ٻڌايو ته هٿياربندن سئوٽ سهيل کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد ڀاءُ زوهيب کي اغوا ڪري ڪچي ڏانهن کڻي ويا.

مغوي جي وارثن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته بنا دير نوجوان کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.