شهيدن کي سياسي موضوع بڻائڻ سٺي ڳالهه ناهي: خواجا آصف

 

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته شهيدن کي سياسي موضوع بڻائڻ سٺي ڳالهه ناهي، سياست ايتري ڪريل نه هئي، جيتري اڄ ڪِري چڪي آهي.

سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته هيلي ڪاپٽر حادثي تي ڪجهه ماڻهن سوشل ميڊيا تي مهم هلائي، دفاعي ادارن خلاف اهڙو عمل مذمت جوڳو آهي.

هن چيو ته ڏک جو پنهنجو تقدس هوندو آهي، اها سياست نه پر ڪجهه ٻيو آهي، شهيدن کي سياسي موضوع بڻائڻ ڪنهن ريت به درست ناهي.

سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي مهم هلائڻ لاءِ ڪجهه ماڻهو سندن اڳواڻي ڪندا آهن، هڪ ماڻهو ادارن کي سياست ۾ گهلي پيو.

خواجا آصف اهو به چيو ته اسان جي اندر اهڙا ماڻهو شامل ٿي ويا آهن، جيڪي ادارن کي تنقيد جو نشاڻو بڻائن ٿا، ڪجهه ماڻهو الزام لڳائي دشمنن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن، اهي ادارا اسان جي سرحدن ۽ پاڻي جي حفاظت ڪندا آهن.

هن چيو ته جن ٽوئيٽ ڪيا، انهن جي باقاعدي مالي مدد ٿيندي آهي، جڏهن اقتدار ويندو اٿن ته گارگند ڪندا آهن، اهڙا ماڻهو احسان فراموش ٿيندا آهن.

وفاقي وزير چيو ته ٻارن کي اها تربيت نه ڏيو ته گاريون ڏين ۽ اگهاڙي ٻولي استعمال ڪن، تهذيب جون حدون اڳ ۾ ڪير به نه لتاڙيندو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.