ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٻارڙي جي بيٽنگ ٽيڪنڪ قومي ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ کي به حيران ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ هڪ ٻارڙو ڪرڪيٽ کيڏندي نظر اچي رهيو آهي.
ٻارڙي جي بيٽنگ ٽيڪنگ ۽ شاٽ سليڪشن ايڏي زبردست آهي جو پاڻ محمد يوسف به حيران ٿي ويو ۽ ان جي ڳولا شروع ڪري ڇڏيائين.
اڳوڻي ليجنڊ بيٽسمين محمد يوسف وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته هن ٻار کي ڪو سڃاڻي ٿو؟ جيڪڏهن ڪنهن وٽ ان جو ڪانٽيڪٽ نمبر يا تفصيل هجن ته ضرور موڪليو.