صنعان قريشي ڪارڪن جو ”قدر“ نه ڪيو، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد مٿس تنقيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي هڪ وائرل وڊيو تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

سوشل ميڊيا تي ڪجهه ڏينهن کان صنعان قريشي جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن کي ڏسي آن لائن واهپيدار کيس تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته صنعان قريشي قافلي جي صورت ۾ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ هڪ ڪارڪن ساڻس گڏ سيلفي وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر صنعان قريشي کيس روڪي ٿو.

سندس اهڙي رويي کي اڻ وڻندڙ قرار ڏيندي مٿس تنقيد ڪئي پئي وڃي.

واهپيدارن جو چوڻ آهي ته بشير خان قريشي ٿيڻ ڏکيو آهي، صنعان قريشي کي ڪارڪنن جو قدر ڪرڻ سکڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.