ڪي اليڪٽرڪ جو ڪراچي ۾ رات جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ کان ٺُپ جواب

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ شهر ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو.

ڪي اليڪٽرڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته شهر ۾ بجلي جي فراهمي معمول موجب جاري آهي، ڪراچي ۾ بجلي جي سپلاءِ ويب سائيٽ تي 30 جون تي جاري ڪيل شيڊيول موجب جاري آهي.

ترجمان موجب لوڊشيڊنگ جي ان شيڊيول ۾ ڪا واڌ يا تبديلي ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته شارٽ فال 24 ڪلاڪ برقرار رهڻ سبب رات جو لوڊشيڊنگ ختم نٿا ڪري سگهون.

واضح رهي ته اڄ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ بابت سوال تي چيو هو ته ڪراچي ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جو سوال ئي غلط آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.