رضا رباني جو صدر عارف علوي کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته صدر عارف علوي جو ڪنهن جي صلاح تي يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري هيلي ڪاپٽر حادثي جي شهيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت نه ڪرڻ ڳڻتيءَ جوڳو آهي.

اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني صدر عارف علوي تي تنقيد ڪندي چيو ته صدر کي پنهنجي سياسي وابستگي عهدو سنڀالڻ وقت ڇڏڻ گهرجي ها، جيڪڏهن ائين نٿو ڪري ته فوري طور استعيفيٰ ڏئي.

هن چيو ته صدر پاران هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي آفيسرن جي جنازي نماز ۾ شرڪت نه ڪرڻ ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي، ڇو ته حادثي ۾ شهيد ٿيل اعليٰ عهدن تي مقرر هئا.

سندس موجب آئين جي آرٽيڪل 243 جي شق 2 موجب پاڪ فوج جي سپريم ڪمان صدر وٽ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.