پرڏيهي فنڊنگ: تحريڪ انصاف جو صوبائي وزير محمود الرشيد به ايف آءِ اي طلب

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي پابندي پيل فنڊنگ جي معاملي تي وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) پنجاب جي صوبائي وزير ميان محمود الرشيد کي به گھرائي ورتو.

ذريعن موجب ايف آءِ اي جاچ لاءِ ميان محمود الرشيد کي 11 آگسٽ تي گھرايو آهي، ميان محمود الرشيد سوڌو 11 ماڻهن کي طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، ايف آءِ اي قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جي طلبي جو نوٽيس به جاري ڪيو آهي.

ايف آءِ اي اختيارين موجب اسلام آباد سوڌو ٻين شهرن ۾هڪ ئي وقت 6 انڪوائريز ٿي رهيون آهن، ايف آءِ اي پاران ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ انڪوائريز جاري آهن، اهڙن 13 اڪائونٽس جي سڃاڻپ ٿي آهي، جن ۾ رقم منتقل ٿي آهي.

ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته جن بينڪن ۾ اڪائونٽس آهن، انهن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، عدالتن انهن بينڪن کي سمورا تفصيل ڏيڻ جا حڪم ڏنا آهن.

گذريل ڏينهن به پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ جي چئن ملازمن کي طلب ڪيو ويو هو، چئني ملازمن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.