آني سان چهري کي خوبصورت ڪرڻ جا انوکا ۽ سولا طريقا

آني جي اڇاڻ واري حصي ۾ پروٽين ۽ ڪوليجن هوندا آهن جيڪي چهري جي صحت لاءِ ضروري آهن.

آني جي اڇاڻ چهري کي ٽائيٽ ڪندي آهي ۽ ان جو احساس منهن ڌوئڻ کانپوءِ به ٿيندو آهي. ان سان فائن لائينز ۽ گهنج ختم ٿي ويندا آهن. چهري ۽ چمڙي جي ٽائٽننگ واري اثر سبب آني جي اڇاڻ کي ڪاسميٽڪ علاج لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

آني جي اڇاڻ ۾ موجود پروٽين چمڙي کي هائيڊريشن ڏيندو آهي جنهن جي ڪري عارضي موئسچرائيزر طور استعمال ٿيندو آهي. کل ۾ موجود پاڻيءَ کي سڪُائيندو آهي ۽ هائيڊريشن ڏيندو آهي.

هڪ آني جي اڇاڻ ۽ 6 انگورن کي ٻجن سميت بلينڊر ۾ وجهي ماسڪ تيار ڪيو.

ان ماسڪ کي هيٺين حصي کان لڳائڻ شروع ڪيو ۽ سڄي منهن تي لڳايو.

ان کانپوءِ گرم پاڻي سان منهن کي صاف ڪيو. آخر ۾ موئسچرائزر لڳائي ڇڏيو.

آني جي اڇاڻ، ٿوري ليمي جي رس ۽ ماکي مان تيار ڪيل ماسڪ تيار ڪيو.

ان ۾ ٿورو بيڪنگ سوڊا به شامل ڪري سگهجي ٿو پر اها توهان جي مرضي آهي.

ان ماسڪ کي اڌ ڪلاڪ منهن تي لڳائڻ بعد صاف ڪري ڇڏيو.

چهري کي تازو ۽ صحتمند ڪرڻ لاءِ آني جي اڇاڻ کي منهن ڌوئڻ بعد لڳايو پوءَ سُڪڻ ڏيو.

جڏهن منهن سُڪي وڃي ته وري پاڻي سان صاف ڪيو.

آني ۾ موجود پروٽين بيڪٽيريا سان مقابلو ڪري چهري جي چمڙي کي تازو ڪري ڇڏيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.