نااهليءَ جي تلوار، عمران خان گوڏا کوڙڻ تي مجبور، نواز شريف کي ڊيل جي آڇ: صحافي جي دعويٰ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موجوده حالتن پي ٽي آءِ کي بيڪ فوٽ تي وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ ان طرفان جلد چونڊن جي مطالبي تي وڌيڪ زور نه پيو ڏنو وڃي.

اهڙي دعويٰ هڪ صحافي شاهد اجمل ڪئي آهي، جنهن جي تائيد سينيئر صحافي حامد مير پڻ ڪئي آهي.

دعويٰ ڪندڙ صحافي موجب هڪ اهم اداري جي رٽائرڊ اهلڪار، جيڪو اسرائيل جو سخت حامي هجڻ جي حوالي سان به شهرت رکي ٿو، تازو لنڊن ۾ ن ليگ قائد نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ کيس عمران خان طرفان اهو پيغام ڏنو ته چونڊون ڀلي دير سان ڪرايو پر پرڏيهي فنڊنگ جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ نااهلي سميت پيدا ٿيندڙ ٻين معاملن ۾ ڪيس واپس وٺو.

نواز شريف سان ملاقات ۾ هن اهو به چيو ته اسان ۾ ميثاق جمهوريت ۽ ميثاق معيشت لاءِ بامقصد ڳالهيون به ٿي سگهن ٿيون پر نواز شريف ڪو هاڪاري جواب نه ڏنو.

ن ليگ قائد چيو ته ڪيس مان نه اسلام آباد ۾ ويٺل حڪومت ٺاهي رهي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ قائد نواز شريف ڪنهن به قسم جي لچڪ ڏيکارڻ جي موڊ ۾ ناهي.

صحافي شاهد اجمل موجب اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ تحريڪ انصاف بيڪ فوٽ تي هلي وئي آهي، ڇو ته تازو اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاجي مظاهري ۾ ماڻهن جو انگ به گهٽ نظر آيو ۽ جذباتي ڪيفيت به نه هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.