ڀارتي رياست تامل ناڊو جي هڪ حسن جي مقابلي ۾ پوليس آفيسرن کي ريمپ تي واڪ ڪرڻ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو.
سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ 5 پوليس آفيسرن کي پوليس آفيسرن جي ڪردار تي فلمايل هڪ گيت تي واڪ ڪندي نظر اچي رهي آهن.
ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ ٿيل اهڙي انوکي ريمپ واڪ تي پوليس جي اعليٰ آفيسرن کي نوٽيس وٺندي هڪ سينيئر پوليس آفيسر سميت پنجن آفيسرن جي بدلي ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب پنجني پوليس آفيسرن کي بيوٽي مقابلن دوران سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيو ويو جتي انتظاميا پاران مٿن زور رکيو ته هو ريمپ تي واڪ ڪن.
Five #TamilNadu cops marching to the roaring beats of #Theri in a beauty pageant event held in #Mayiladuthurai
The District SP took a disciplinary action and transferred all the cops to various police stations. pic.twitter.com/tJRRaXm38F
— RAMKUMAR R (@imjournalistRK) August 5, 2022