هڪ دفعو ننڊ اچي ته وري نه اُٿان!

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سپر اسٽار ادڪارا دپيڪا پاڊڪون چيو آهي ته هوءَ ڊپريشن سبب جيئڻ نه پئي چاهي پر سندس ماءُ منجهس جيئڻ جي اميد جاڳائي .

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ممبئي ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي بالي ووڊ اداڪارا  دپيڪا پاڊڪون چيو ته اڄ جيڪو ڪجهه به آهيان ان والدين جو وڏو هٿ آهي.

دپيڪا چيو ته مٿس هڪ وقت اهڙو به آيو هو جڏهن جيئڻ جي اميد ئي پلي ڇڏي هئي پر ماءُ کيس جيئڻ جي اميد ڏياري.

ادڪارا جو چوڻ هو ته ڪاميابين مان مطمئن هئس پر ان سڀني جي باوجود ڊپريشن جو شڪار رهيس.

دپيڪا ٻڌايو ته ڊپريشن کيس بنهه اڪيلو ڪري ڇڏيو هو پر والدين ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو.

بالي ووڊ ادڪارا وڌيڪ چيو ته مايوسي سبب هميشه اهو سوچيو ته گهڻي کان گهڻي ننڊ ڪري وقت گذاريا ۽ ننڊ مان ڪڏهن نه اُٿان ڇاڪاڻ ته ان کي ڇوٽڪاري جو ذريعو سمجهندي هئس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.