”اڄ به اسان جي هٿ جو ٺهيل ڪراچي هلي رهيو آهي، شهري چوڪيدار مٽائين“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪراچي وارا پنهنجو چوڪيدار مٽائين، ڇو ته جنهن گهر جو چوڪيدار چورن سان گڏجي وڃي، ان گهر کي ڪير نٿو بچائي سگهي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته سڄي دنيا ۾ ادارا لوڪل گورنمينٽ جي ماتحت ڪيا ويندا آهن پر هتي لوڪل گورنمينٽ وٽ اختيار ئي ناهن هوندا.

هن چيو ته ڪراچي ۾ برسات جي تباهين تي ڪير پڇڻ وارو ناهي، شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو به مسئلو آهي، هي ملڪ آٽو تي هلي رهيو آهي، ڪراچي جي ڪنهن کي ڳڻتي آهي؟

سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم اڳ به حڪومت ۾ هئي، اڄ به آهي، الله پاڪ آخري ڀيرو اسان کان شهر جو ڪم ورتو هو، اسان ٻيهر هن شهر کي سٺو بڻائي سگهون ٿا.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان جي هٿ جو ٺهيل ڪراچي ئي هلي رهيو آهي، ڪراچي وارا پنهنجو چوڪيدار مٽائين، ڇو ته جنهن گهر جو چوڪيدار چورن سان ملي وڃي، ان گهر کي ڪير نٿو بچائي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.