پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ گرفتار روسي ناري اسلام قبولي شادي ڪري ڇڏي

 

پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ گرفتار روسي ناري پنهنجو ملڪ ڇڏي پاڪستان هلي آئي ۽ اسلام قبول ڪري شادي به ڪري ڇڏيائين.

گوجرانوالا جي محمد علي يوسفي ۽ روس جي پيلينا جي ملاقات سوشل ميڊيا تي ٿي، جتي ٻنهي گفتگو جي شروعات ڪئي.

تازو هڪ انٽرويو دوران محمد علي يوسفي ٻڌايو ته مان ٻاهرئين ملڪ رهندو هيس، اسان جي دوستي ٿي، ميسينجر تي ئي پيلينا چيو ته مون کي توهان جو مزاج ۽ عورتن سان عزت سان ڳالهائڻ جو انداز ڏاڍو پسند آهي.

هن چيو ته اسان جي دوستي ايتري گهري ٿي وئي جو اسان شادي جو سوچيو، پيلينا جو واسطو ڪنهن مذهب سا ناهي، تنهن ڪري هن اسلام قبولي ورتو، جنهن کانپوءِ اسان جي شادي ٿي وئي ۽ پيلينا روس ڇڏي پاڪستان هلي آئي.

پيلينا انٽرويو ۾ ٻڌايو ته مون کي ماني ۽ پراٺو تمام سٺو ٺاهڻ ايندو آهي، مون کي پاڪستان جا اتريان علائقا به پسند آهن.

 

سندس موجب مون کي پاڪستان جو ڪلچر ڏاڍو وڻي ٿو، مان اڳ ئي روسي طور طريقن کي پسند نه ڪندي هيس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.