روسي نوجوان پنهنجي يوڪريني محبوبا سان شادي ڪري ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ هلندڙ سال جي شروعات کان جنگ هلي رهي آهي پر ٻنهي ملڪن جا ڪجهه شهري اهڙا به آهن جيڪي محبت کي هٿي ڏئي رهيا آهن.

روس ۽ يوڪرين جي هڪ نوجوان ۽ نارين هڪ ٻئي سان شادي ڪري پنهنجي سچي محبت جو ثبوت ڏئي ڇڏيو آهي.

 روسي ڄائي اسرائيلي شهري سرجي نووڪوف پنهنجي يوڪرين جي محبوبا ايلونا براموڪا سان شادي ڪئي آهي، اها شادي ڀارت ۾ ٿي آهي.

ٻن ورهين کان هڪ ٻئي جي محبت ۾ گرفتار جوڙي هماچل پرديش جي جبلن ۾ هندو رسمن موجب شادي ڪئي.

شادي جي تقريب ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جي دوستن ۽ مائٽن شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.