منهنجي مرضي: ايشل فياض جي ”اعتراض جوڳي“ وڊيو تي تڪرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فلم ”ڪاف ڪنگنا“ جي هيروئن ۽ اداڪاره ايشل فياض سوشل ميڊيا تي پنهنجون نيون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون آهن، جنهن تي واهپيدارن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن ان کي نامناسب قرار ڏيندي اداڪارا تي تنقيد ڪئي آهي.

پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل ايشل فياض جي نئين وڊيو منظر عام تي اچي وئي آهي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هوءَ گهر جي ڇت تي بيٺل آهي ۽ اولهه طرز جو لباس پهري پوز ڏئي رهي آهي.

اداڪارا اها وڊيو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪئي، وڊيو کي سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران اعتراض جوڳو قرار ڏنو ويو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Eshal Fayyaz (@ieshalworld)

اداڪارا ايشل فياض هڪ اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو جنهن ۾ هڪ واهپيدار مٿس تنقيد ڪئي هئي.

اداڪارا ان کي جواب ڏيندي لکيو ته ”منهنجو انسٽا، منهنجي مرضي، توهان نه ڏسو، هي عام تصويرون آهن.

هن وڌيڪ لکيو ته اها گندگي توهان جي اکين ۽ دماغ ۾ آهي، مون کي فالو نه ڪريو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.